اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسان سڀني کي پا??ست??ن جي بانين جي ويزن کي سامهون رکندي ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو آهي، پا??ست??ن مسلم ليگ (ن) قائد محمد نو??ز شريف جي قيادت ۾ پا??ست??ن جي تعمير ۽ ترقي جي لاءِ گذريل ساڍا ٽن ڏهاڪن کان مصروف عمل آهي، تاريخ گواهه آهي ته مسلم ليگ (ن) ۽ قائد محمد نو??ز شريف سدائين اصولن جي سياست ڪندي عوامي ڀلائي کي ترجيح ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف مسلم ليگ (ن) جي يوم تاسيس تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته آل انڊيا مسلم ليگ جي پليٽ فارم تان قائداعظم ۽ تحريڪ پا??ست??ن جي ٻين اڳواڻن جي جدوجهد جي نتيجي ۾ هڪ آزاد ملڪ پا??ست??ن جو قيام عمل ۾ آيو، 118 سال اڳ مسلم ليگ قا??م ٿيڻ کانپوءِ مسلمانن جي نئين ۽ آزاد ملڪ جي خواهش کي سگهه ملي ۽ مسلسل جدوجهد سان ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي هڪ جدا ۽ آزاد ملڪ نصيب ٿيو. وزيراعظم چيو ته پا??ست??ن جي بانين جي ويزن کي سامهون رکندي ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي، پا??ست??ن مسلم ليگ (ن) قائد محمد نو??ز شريف جي قيادت ۾ پا??ست??ن جي تعمير ۽ ترقي جي لاءِ ساڍا ٽي ڏهاڪن کان مصروف عمل آهي. وزيراعظم چيو ته تاريخ گواهه آهي ته مسلم ليگ (ن) ۽ قائد محمد نو??ز شريف سدائين اصولن جي سياست ڪندي عوامي ڀلائي کي ترجيح ڏني، تاريخ گواهه آهي ته پا??ست??ن کي بچائڻ جي لاءِ مسلم ليگ (ن) پنهنجي سياست جي قرباني ڏئي ملڪي معيشت ۽ ملڪي سلامتي کي ترجيح ڏني. وزيراعظم چيو ته پارٽي ڪارڪنن ۽ سياسي ڏاهن جا ٿورائتا آهيون جن جي ساٿ جي ڪري پارٽي آمرن آڏو حق جو نعرو بلند ڪيو، قيد ۽ بند جون مصيبتون برداشت ڪيون پر پا??ست??ن جي وسيع تر مفاد ۾ انتشار ۽ عوام کي ورڇ ڪرڻ جي سياست نه ڪئي. وزيراعظم چيو ته قائد محمد نو??ز شريف کي سياست مان مائنس ڪرڻ جون سازشون ٿيون پر پنهنجي سياسي بصيرت ۽ عوام جي خاطر قرباني جي جذبي کيس سرخرو ڪيو، مسلم ليگ (ن) جي دورن ۾ ملڪ ۾ صنعت، زراعت ۽ معيشت جي ترقي ٿي. وزيراعظم چيو ته سفارتي سطح تي دوست ملڪن سان لاڳاپا بهتر ٿيا ۽ عام ماڻهو خوشحال ٿيو. وزيراعظم چيو ته اڄ به مسلم ليگ (ن) عوامي امنگن جي ترجماني ڪندي پنهنجي قائد جي سرپرستي ۾ ملڪ جي تعمير ۽ ترقي جي لاءِ مصروف عمل آهي، الله جي ڪرم ۽ عوام جي حمايت سان پا??ست??ن جي تعمير ۽ ترقي جي لاءِ ائين ئي محنت جاري رکنداسين.
اسان کي پاڪستان جي بانين جي ويزن کي سامهون رکندي ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : قدیم مصری کلاسک