اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آذربا??يج??ن جي صدر الهام عليوف سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ جهاز جي افسوسناڪ حادثي تي ساڻس تعزيت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ شام آذربا??يج??ن جي صدر الهام عليوف سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ 25 ڊسمبر 2024ع تي اذال ايئرلائين جي افسوسناڪ حادثي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي آذربا??يج??ن جي عوام سان دلي تعز??ت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته پوري پاڪستاني قوم آذربا??يج??ن جي ڀائر عوام جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي ۽ سوڳوار خاندانن ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي لاءِ الله تعاليٰ کان دعاڳو آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته آذربا??يج??ن جي ڀائر عوام صبر ۽ استقامت سان ان سانحي کي منهن ڏيندي. ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ شاندار ٻطرفن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم صدر عليوف کي يقين ڏياريو ته پاڪستان هن مشڪل وقت ۾ آذربا??يج??ن کي گهربل هر تعاون فراهم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. صدر عليوف افسوسناڪ واقعي جي ڏس ۾ حما??ت ۽ يڪجهتي تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته وزيراعظم جو ان موقعي تي آذربا??يج??ن سان گڏ بيهڻ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي جي پائيدار رشتي جو ع??اس آهي. ٻنهي اڳوا??ن پاڪستان ۽ آذربا??يج??ن جي وچ ۾ دوستي جي مضبوط رشتن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ان کان اڳ وزيراعظم اس??ام آباد ۾ آذربا??يج??ن جي سفارتخاني جو دورو پڻ ڪيو ۽ گذريل ڏينهن جهاز حادثي جي حوالي سان تعزيتي ڪتاب تي پنهنجا تاثر قلمبند ڪيا.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جو آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان ٽيليفونڪ رابطو، جهاز حادثي تي تعزيت
مضمون کا ماخذ : como ganhar na raspadinha