اسل??م آباد – 13 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ مختلف آپريشنز دوران 43 دهشتگرد جهنم واصل ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي قومي عزم جو اظهار ڪيو ۽ چيو آهي ته پاڪستان جي ??ها??ر فوج دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ هر وقت سرگرم عمل آهي. ڪالهه جمعي ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر فتنه ا??خوارج ۽ بلوچستان ۾ سرگرم ٻين دهشتگردن جا ناپاڪ ارادا ناڪام بڻائڻ تي فورسز جي ??ها??ري کي ساراهيو. صدر چيو ته مختلف آپريشنز دور??ن وڏي پئماني تي دهشتگردن جو خاتمو سيڪيورٽي فورسز جي وڏي ڪاميابي آهي، پوري قوم دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ سيڪيورٽي فورسز جي ڪردار معترف آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج دهشتگردي جي خلاف وڌيڪ ڪاميابيون حاصل ڪندي. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 18:13
صدر پاران سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش
مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں