اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پ?? پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن بابت مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته نوجوانن کي آءِ ٽي سمي?? مختلف شعبن ۾ موقعا فراهم ڪري رهيا آهيون، ملڪ ۾ ڊجيٽلائزيشن سان حڪمن ۾ غير ضروري دير جو شڪار (ڳاڙهي ربن) ۽ ڪارڪردگي ۾ نمايان واڌ ٿيندي. اهڙو اظهار هن ڪي پ?? ڪي جي نوجوانن کي يو اين ڊي پ?? ڊجيٽل اسڪلز گريجوئيشن جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. مملڪتي وزير چيو ته اسان جا نوجوان ملڪي ت??قي??َ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. آءِ ٽي ذريعي نوجوانن کي مختلف ڪورسز ڪرايا پيا وڃن، شاگردن ۽ شاگردياڻين کي آءِ ٽي باب?? مختلف پروگرامن ۾ ٽريننگ ڏني پئي وڃي، شاگرد پوري محنت ۽ لڳن سان تعليم حاصل ڪري معاشري جا فائديمند شهري بڻجن. هن چيو ته آءِ ٽي جي شعبي جي ترقي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻي رهيا آهيون، حڪومت ڊجيٽلائزيشن ل??ءِ پُرعزم آهي، ان سان صارفين کي سموريون سهولتون آن ل??ئن دستياب ٿينديون. هن چيو ته ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ ۽ مصنوعي ذهانت سميت سمورا آءِ ٽي ڪورسز ڊجيٽلائزيشن ل??ءِ اهم آهن. هن چيو ته ”ون پيشنٽ ون آءِ ڊي“ قدمن تحت مريضن جي ڊيٽا آن ل??ئن دستياب هوندي، ان سان شناختي ڪارڊ ذريعي مريض جو سڄي ڊيٽا آڏو اچي ويندو، اهڙيءَ طرح جي قدمن سان صحت ۽ تعليم جون بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملندي، ڪوشش آهي ته اهڙن قدمن ل??ءِ نجي شعبو اڳيان اچي.
نوجوانن کي آءِ ٽي سميت مختلف شعبن ۾ موقعا فراهم ڪري رهيا آهيون: شزه فاطمه خواجه
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے طریقے