بيجنگ – 06 – جون (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف سان چائنا ناردرن انڊسٽري ڪارپوريشن (نورينڪو) جي چيئرمين ملاقات ڪئي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي وز??راعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ پر??ڻا ڀائر??ڻا لاڳاپا آهن جيڪي وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ??ي رهيا آهن. نورينڪو جي چيئرمين محمد شهباز شريف جي پنجاب جي وڏي وز??ر جي طور ترقياتي منصوبن کي تيز رفتاري سان مڪمل ڪ??ڻ ۽ پاڪستان ۽ پنجاب اسپيڊ جو خصوصي ذڪر ڪيو. نورينڪو جي چيئرمين وز??راعظم جي نگراني هيٺ منصوبن جي رفتار ۽ معيار کي ساراهيندي چيو ته توهان جي سرپرستي ۾ لاهور اورنج ٽرين ميٽرو جو منصوبو وقت سر تيار ٿيو. وز??راعظم نورينڪو جي چيئرمين کي پاڪستان ۾ مواصلات جي منصوبن خاص طور تي ڪراچي سرڪلر ريلوي ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي چيو ته ٻاهرئين سيڙپڪاري جي لاءِ آسانيون پيدا ڪيون پيون وڃن، ان حوالي سان خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل حڪومت جو هڪ اهم قدم آهي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان چائنا ناردرن انڊسٽري ڪارپوريشن جي چيئرمين جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نتائج