بيجنگ – 06 – جون (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ متبادل توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي وڏي گنجائش آهي، متبادل توانائي جي نظام کي مضبوط بڻائڻ اسان جي او??ين ترجيح آهي. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاور چائنا جي چيئرمين ڊنگ يانزانگ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نائب ??زي??اعظم ۽ پرڏيهي ??زي?? اسحاق ڊار، دفاع وارو وفاقي ??زي?? خواجه محمد آصف، منصوبابندي وارو وفاقي ??زي?? احسن اقبال، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي ??زي?? عطاءُ الله تارڙ، پاور وارو وفاقي ??زي?? اويس احمد خان لغاري ۽ ??زي??اعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ موجود هئا. ??زي??اعظم چيو ته متبادل توانائي جو نظام مضبوط ڪرڻ اسان جي او??ين ترجيح آهي، پاڪستان ۾ متبادل توانائي جي حوالي سان سيڙپڪاري جي وڏي صلاحيت آهي. هن چيو ته بجلي چوري جي حوالي سان ملڪ ۾ وڏيون ڪارروايون ڪيون پيون وڃن. ان موقعي تي پاور چائنا جي چيئرمين ڊنگ يانزانگ ساهيوال ڪول پاور پلانٽ جي تيز رفتار تعمير ۽ معيار کي ساراهيو ۽ هن پاڪستان ۽ پنجاب ا??پي?? جو پڻ ذڪر ڪيو. هن چيو ته پاڪستان سان مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون وينديون جنهن تح?? پاڪستان ۾ بجلي پهچ جو نظام بهتر ۽ لائين لاسز کي گهٽ ڪيو ويندو.
پاڪستان ۾ متبادل توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي وڏي گنجائش آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشن گوئی