اسلام آباد – 04 – جون (اي پي پي) خ??بر??ختونخواهه جي گو??نر فيصل ??ري?? ڪنڊي سان قومي خابرو ايجنسي ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي ملاقات ڪئي. ايم ڊي اي پي پي خ??بر??ختونخواهه جي گو??نر کي اي پي پي جي نيٽ ورڪ، نيوز سروسز ۽ ٻين معاملن بابت تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اي پي پي اردو، انگريزي، سنڌي، بلوچي، پشتو، عربي ۽ چائنيز سميت ڪي??ري?? ئي زبانن ۾ خبرون ۽ فيچرز قومي، علائقائي ۽ عالمي اخبارن کي فراهم ڪري رهي آهي، ان کانسواءِ وڊيوز ۽ ڊيجيٽل سروس جي ذريعي خبرون اليڪٽرانڪ ميڊيا کي پڻ فراهم ڪيون پيون وڃن. ان موقعي تي خ??بر??ختونخواهه جي گو??نر جو چوڻ هو ته اي پي پي رياستي ميڊيا جو هڪ اهم ??صو آهي جيڪو نه رڳو پاڪستان پر سڄي دنيا ۾ ملڪ جي مثبت تشخص کي اجاگر ڪرڻ ۽ نظريه پاڪستان جي بيانيي جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. فيصل ??ري?? ڪنڊي خ??بر??ختونخواهه ۾ اي پي پي جي نيٽ ورڪ کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ تي زور ڏنو جنهن تي ايم ڊي اي پي پي خاطري ڪرائي ته خ??بر??ختونخواهه ۾ اي پي پي جي نيٽ ورڪ کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا ويندا.
خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان اي پي پي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری نمبر