راولپنڊي-30 مئي (اي پي پي) فارميشن ڪمانڊرز ڪانفرنس افغانس??ان جي سرحد پار کان لڳاتار ڀڃڪڙين ۽ افغان ڌرتيءَ کي استعمال ڪن??ي دهشتگردي جي رٿابنديءَ تي سخت خدشن جو اظهار ڪن??ي چيو آهي ته پاڪس??ان جا دشمن پاڪس??ان اندر سيڪيورٽي فورسز ۽ معصوم شهرين کي ??شانو بڻائڻ لاءِ افغانس??ان کي استعمال ڪري رهيا آهن. ملڪ جي وسيع تر مفاد ۾ لازم آهي ته 9 مئي جي منصوبه سازن، مجرمن ۽ انهن جي حوصله افزائي ڪن??ڙن ۽ سهولتڪارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ بيهاريو ويندو، قانون جي عملداريءَ کي ??ائم ڪرڻ ۽ 9 مئي جي مجرمن خلاف فوري ۽ شفاف عدالتي ۽ قانوني ڪارروائي بنا ملڪ ??هڙ?? سازشي عنصرن هٿان هميشه يرغمال ٿيندو رهندو. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي ( آءِ ايس پي آر) مطابق پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير جي صدارت هيٺ 83 هين فارميشن ڪمانڊرز ڪانفرنس خميس ڏينهن هتي جي ايڇ ڪيو راوالپنڊي ۾ منعقد ٿي. ڪانفرنس ۾ ڪور ڪمانڊرز، پر??سپل اسٽاف آفيسرز ۽ پاڪ فوج جي سمورن فارميشن ڪمانڊرز شرڪت ڪئي. فورم ۾ شرڪت ڪن??ڙن شهيدن جي روح کي ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. فورم ملڪ جي حفاظت، سلامتي ۽ خودمختياريءَ لاءِ هٿياربند فوج جي آفيسرن ۽ جوانن، قانون لاڳو ڪن??ڙ ادارن ۽ پاڪستاني شهرين سميت شهيدن جي عظيم قربانين کي زبردست خراجِ عقيدت پيش ڪيو. فورم کي جيو اسٽريٽجڪ حالتن، قومي سلامتي لاءِ اُڀرندڙ چئلينجز ۽ ملٽي ڊومين خطرن کي ??ُنهن ڏيڻ لاءِ پاڪ فوج جي حڪمت عملي بابت آگاهه ڪيو ويو. شرڪت ڪن??ڙن کي ??اڪ فوج کي جديد بڻائڻ ۽ فيلڊ فارميشنز لاءِ لارجسٽڪ سپورٽ کي بهتر بڻائڻ لاءِ نئين فني تخليق بابت بريفنگ ڏني وئي. فورم دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ نئين ضم ٿيل ضلعن جي عوام جي قربانين جو اعتراف ڪيو. فورم دهشتگرديءَ کي ??يصلائتي شڪست ڏيڻ لاءِ نَون ضم ٿيل ضلعن جي ترقيءَ جي اهميت تي به زور ڀريو. فورم بلوچس??ان ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقيءَ جي ضرورت تي پڻ زور ڀريو ته جيئن پرڏيهي طور پر??پيگنڊا ڪن??ڙن جو مقابلو ڪري سگهجي. فورم جو چوڻ هو ته پر??پيگنڊا ڪن??ڙن جي پٺڀرائي ڪن??ڙ پرڏيهي اسپانسرڊ پراڪسيز ذريعي ڪئي وئي آهي ته جيئن بلوچس??ان جي نوجوانن کي امن ۽ ترقيءَ کان پر?? رکي سگهجي. فورم اوڀر سرحد تي موجودهص ورتحال ۽ ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ معصوم ڪشميرين جي عدالت کان مٿاهين قتل جي تازن واقعن جو جائزو ورتو. فورم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن موجب حقِ خوداراديت لاءِ ڪشميرين جي منصفاڻي جدوجهد ۾ مڪمل يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو. فورم ڀارت ۾ سياسي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ وڌندڙ فاشزم تي اقليتن خاص طور تي مسلمانن سان انسانيت سوز سلوڪ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو. فورم فلسطيني عوام سان مڪمل يڪجهتيءَ جو اظهار ڪن??ي غزه ۾ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين ۽ جنگي ڏوهن جي مذمت ڪئي. فورم غزه اندر رفح آپريشن ۽ ٻين سمورن آپريشنن کي روڪڻ لاءِ انصاف جي عالمي عدالت جي فيصلي جي حمايت ڪئي. ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪن??ڙن چيو ته رياستي ادارن خاص طور تي پاڪ فوج جي خلاف جاري شده ڊجيٽل دهشتگردي، ناپاڪ سياسي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ پرڏيهي سهولتڪارن جي مدد سان ڪئي پئي وڃي، انهن جو مقصد ڪوڙ ۽ پر??پيگنڊا ذريعي پاڪستاني عوام ۾ مايوسي پيدا ڪرڻ ۽ قومي ادارن خاص طور تي پاڪ فوج ۽ عوام جي وچ ۾ وڇوٽيون پيدا ڪرڻ آهي. شرڪت ڪن??ڙن چيو ته پاڪستاني قوم ڪوڙ ۽ پر??پيگنڊا ڪن??ڙن جي ناپاڪ ۽ مڪروه ارادي کان پوريءَ ريت باخبر آهي ۽ سندن ناپاڪ ارادن کي ??ڪمل ۽ يقيني شڪست ڏني ويندي. فورم جٽادار اقتصاي ترقي ۽ غير قانوني سرگرميون بشمول اسمگلنگ، ذخيره اندوزي، بجلي چوريءَ کي روڪڻ، ون ڊاڪيومينٽ رجيم، غير قانوني پرڏيهين جي ملڪ مان عزت سان واپسيءَ سميت قومي ڊيٽا بيس جي حفاظت لاءِ مختلف شعبن ۾ حڪومت جي قدمن جي مڪمل حمايت ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. آرمي چيف مختلف مشقن دوران فارميشنز جي اعليٰ ۽ معياري تربيت ۽ دهشتگرديءَ جي خاتمي واري ڪاررواين ۾ آفيسرن ۽ جوانن جي شاندار ڪاڪردگيءَ جي واکاڻ ڪئي. آرمي چيف فارميشنز جي بلند حوصلي ۽ هر وقت آپريشنل تيارين جي به تعريف ڪئي. شرڪت ڪن??ڙ حاضر سروس، رٽائرڊ آفيسرن ۽ جوانن جي تربيت، انتظاميه ۽ فلاح ۽ بهبود لاءِ فوجي سطح تي کنيل قدمن تي مڪمل اطمينان جو اظهار ڪيو. فورم يومِ تڪبير تي پاڪس??ان طرفان حاصل ڪيل اهم سنگِ ميل ۽ خطي تي ان جي مستحڪم اثرن کي ساراهيو. ڪانفرنس جي پڄاڻي ان عزم سان ٿي ته ملڪ جي سلامتي ۽ استحڪام کي درپيش سمورن خطرن کي ??ابل فخر قوم جي مڪمل حمايت سان ناڪام بڻايو ويندو.
9 مئي جي منصوبه سازن، مجرمن ۽ سهولتڪارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ بيهاريو ويندو، قانون جي عملداري قائم ڪرڻ، شفاف عدالتي ۽ قانوني ڪارروائي بنا ملڪ اهڙن سازشي عنصرن هٿان هميشه يرغمال رهندو: فارميشن ڪمانڊرز ڪانفرنس
مضمون کا ماخذ : میگا مولا۔