اسلام آباد – 23 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زر??ار?? پاڪستان ۾ دل جي بيمارين کان بچاءُ جي لاءِ آگ??هي پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته اسان کي دل جي مر?? کان بچاءُ جي لاءِ جامع ڪوششون ڪرڻيون پونديون. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيال جو اظهار پاڪستان نيشنل هارٽ ايسوسيئيشن (پناهه) جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو جنهن ميجر جنرل (ر) مسعود الرحمان جي قيادت ۾ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. هن چيو ته دل جي مر?? کان بچاءُ جي لاءِ ماڻهن ۾ صحتمند طرز زندگي بابت آگ??هي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر دل جي بيمارين ۾ اضافي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته دل جي مر?? ۽ غيرمتعدي مر??ن کان بچاءُ جي جامع پروگرام جي ضرورت آهي. هن چيو ته ڪاربونيٽيڊ ۽ مٺي شربتن ۾ کنڊ جي مقدار بابت هيلٿ ايڊوائيزري نمايان ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن. وفد جي سربراهه صدر کي دل جي بيمارين جي ڦهلاءُ جي روڪٿام، آگ??هي پيدا ڪرڻ ۾ پناهه جي ڪردار بابت ٻڌايو. هن بريفنگ ۾ آگ??هه ڪيو ته پناهه انجائنا ۽ هارٽ اٽيڪ جي ڪري ٿيندڙ موت روڪڻ، گهٽ ڪرڻ ۽ ڪنٽرول ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيو آهي. صدر صحتمند طرز زندگي جي فروغ ۾ پناهه جي ڪردار کي ساراهيو.
پاڪستان ۾ دل جي بيمارين کان بچاءُ جي لاءِ آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، دل جي مرض کان بچاءُ جي لاءِ جامع ڪوششون ڪرڻيون پونديون: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : دیگر کلیدی الفاظ