اسلام آباد – 07 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي تيز تر انصاف جي فراهمي ۾ محتسب جي ڪردار کي اجاگر ڪندي ان جي پهچ کي ملڪ جي ڏورانهن علائقن تائين وڌائڻ ۽ ان مقصد جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. صدر وفاقي محتسب جي آفيس جو دورو ڪيو. ان موقعي تي وفاقي محتسب اعجاز احمد قريشي صدر کي محتسب جي ڪردار ۽ ڪارڪردگي تي بريفنگ ڏني. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر کي ٻڌايو ويو ته محتسب سال 2023ع ۾ 193028 ش??اي??ن جو ازالو ڪيو جڏهن ته متاثرين کي 4.898 ارب رپين جو ريليف فراهم ڪيو. وفاقي محتسب 2023ع دوران رڪارڊ 194099 ش??اي??ن تي ڪارروائي ڪئي، ش??اي?? تي ڪارروائي ۾ 18 سيڪڙو جو اضافو ٿيو، 2022ع جي ڀيٽ ۾ ش??اي??ن جي ازالي ۾ 22 سيڪڙو اضافو ٿيو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته محتسب جي سفارشن تي 18 هزار اسٽريٽ چلڊرن جي اسلام آباد جي اسڪولن ۾ داخلا ٿي، محتسب جي 85.4 سيڪڙو فيصلن تي گذريل سال عملدرآمد ٿيو جڏهن ته ان شرح کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جون ڪوششون جاري آهن. ان کانسواءِ محتسب ۾ ٽيڪنالاجي جي وڌيڪ استعمال سان ماڻهن جي پهچ ۾ اضافو ٿيو، 2023ع ۾ 48190 ش??اي??ون آن لائين رجسٽرڊ ٿيون جن ۾ 47 سيڪڙو اضافو ٿيو. 2023ع ۾ محتسب جي موبائيل ايپ تان 22321 ش??اي??ون مليون جيڪو 21 سيڪڙو اضافو ظاهر ڪري ٿو. وڌيڪ اهو ته سرڪاري ادارن جي خلاف ماڻهن جي ش??اي??ن جي ازالي جي لاءِ کلي ڪچهريون منعقد ڪيون ويون ۽ محتسب جي ٽيمن دورا ڪيا. بريفنگ موجب تڪرارن جي غيررسمي حل جي ذريعي 2113 معاملن کي اڪلايو ويو، اوورسيز پاڪستانين جي سهولت ۽ ش??اي??ن جي حل لاءِ پڻ قدم کنيا ويا. محتسب پاران شروع ڪيل آگاهي مهم سان محتسب تائين پهچ ۾ اضافو ٿيو آهي. اجلاس ۾ صدر تيز تر انصاف جي فراهمي ۾ محتسب جي ڪردار کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته وفاقي محتسب گڊ گورننس کي فروغ ڏيڻ ۽ ماڻهن کي مفت انصاف فراهم ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪري رهيو آهي. صدر چيو ته وقت سر انصاف جي فراهمي ۾ محتسب جي ڪردار بابت ماڻهن ۾ شعور وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي. صدر محتسب جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي محتسب جي پهچ کي ملڪ جي ڏورانهن علائقن تائين وڌائڻ ۽ جديد ٽيڪنالاجي سان محتسب تائين ماڻهن جي پهچ بهتر بڻائڻ تي زور ڏنو.
محتسب جو دائرو ملڪ جي ڏورانهن علائقن تائين وڌائڻ ۽ ان مقصد جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : جنگل کے راز