اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ائٽمي ٺڪاڻن ۽ فيسيل?? ٽيشن جي فهرستن جي سالياني مٽاسٽا ٿي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ائٽمي ٺڪاڻن ۽ فيسيل?? ٽيشن تي حملن جي منع جو معاهدو ٻين ڳالهين سان گڏ اهو فراهم ڪر?? ٿو ته ٻئي ملڪ هر ڪئلينڊر سال جي پهرين جنوري تي پنهنجي ائٽمي ٺڪاڻن ۽ فيسيل?? ٽيشن بابت هڪ ٻئي کي آگاهه ڪندا. بيان موجب ان معاهدي تي 31 ڊسمبر 1988ع تي صحيحون ڪيون ويون ۽ اهو معاهدو 27 جنوري 1991ع تي لاڳو ٿيو. معاهدي جي آرٽيڪل II موجب پاڪستان ائٽمي ٺڪاڻن ۽ فيسيل?? ٽيشن جي فهرست باضابطا طور سومر ڏينهن پرڏيهي وزار?? ۾ ??سلام آباد ۾ ڀارتي هائي ڪميشن جي نمائندي جي حوالي ڪئي وئي. ان سان گڏ ئي ڀارتي پرڏيهي وزارت ڀارت جي ائٽمي ٺڪاڻن ۽ فيسيل?? ٽيشن جي فهرست پڻ نئ??ن دهلي ۾ پاڪستاني هائي ڪميشن جي نمائندي جي حوالي ڪئي. معاهدي تحت ٻئي ملڪ پهرين جنوري 1992ع کان فهرستن جي مٽاسٽا ڪر?? رهيا آهن.
پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ائٽمي ٺڪاڻن ۽ فيسيلي ٽيشن جي فهرستن جي سالياني مٽاسٽا ٿي
مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں