اسلام آباد – 14 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نجڪاري ڪ??يشن (ترميمي) آرڊيننس 2023ع جاري ڪري ڇڏيو. آرڊيننس جومقصد نجڪاري معاملن ۾ غيرضروري دير ختم ڪرڻ، مسئلا حل ڪرڻ، قانون ۽ انصاف جي اصولن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب آرڊيننس جي مدد سان نجڪاري ڪ??يشن آرڊيننس 2000ع جي شق نمبر 28 کان شق نمبر 33 ۾ ترميمون ڪيون ويون آهن. آرڊيننس جو مقصد نجڪاري اپي??يٽ ٽربيونل ??و قيام عمل ۾ آڻڻ آهي. نجڪاري اپي??يٽ ٽربيونل وٽ نجڪاري بابت ديواني ۽ فوجداري معاملن تي ٻڌڻي ۽ فيصلن جو اختيار هوندو. نجڪاري ڪ??يشن آرڊيننس 2000ع ۾ ملڪي هاءِ ڪ??رٽس کي ڏنل اختيار هاڻي نجڪاري اپي??يٽ ٽربيونل کي منتقل ڪيا ويا آهن. آرڊيننس کان اڳ ملڪ جي سمورين هاءِ ڪ??رٽس کي نجڪاري معاملن ۾ هڪ ئي وقت دائره اختيار حاصل هو. آرڊيننس تحت وف??قي حڪومت ٽن ميمبرن تي ٻڌل نجڪاري اپي??يٽ ٽربيونل قائم ڪندي. صدر حڪومت پاران تجويز ڪيل ترميمي آرڊيننس کي سيڪشن 28 جي ذيلي سيڪشن 2 (چار) ۾ تبديلي کانپوءِ منظور ڪيو. صدر تجويز ڪيل حڪومتي آرڊيننس ۾ اپي??يٽ ٽربيونل جو چيئرپرسن هاءِ ڪ??رٽ جي رٽائرڊ جج بدران سپريم ڪورٽ جو رٽائرڊ جج لڳائڻ جي تبديلي ڪئي. آرڊيننس تحت سپريم ڪورٽ جو رٽائرڊ جج نجڪاري ٽربيونل جو چيئرپرسن هوندو. اپي??يٽ ٽربيونل جو هڪ ٽيڪنيڪل ميمبر ۽ هڪ جوڊيشل ميمبر پن هوندو. اپي??يٽ ٽربيونل جي فيصلن جي خلاف اپيل جي ٻڌڻي جو اختيار سپريم ڪورٽ آف پاڪستان وٽ هوندو. نجڪاري اپي??يٽ ٽربيونل جي فيصلي کان متاثر ڪو به شخص 60 ڏينهن جي اندر سپريم ڪورٽ آڏو اپيل داخل ڪري سگهي ٿو. نجڪاري ڪ??يشن آرڊيننس 2000ع جا سيڪشن 30 ۽ 33 ختم ڪيا ويا آهن. صدر آرڊيننس آئين جي آرٽيڪل 89 هڪ تحت جاري ڪ??و.
صدر پاران نجڪاري ڪميشن (ترميمي) آرڊيننس 2023ع جاري
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا سانتا کیٹرینا