اسلام ??با??- 30 جولاءِ (اي پي پي) چين جو نائب وزيراعظم هي لي فنگ پاڪستان جي ٽن ڏينهن ??ي دوري تي اسلام ??با?? پهتو. هوائي اڏي تي معزز مهمان جو شاندار استقبال ڪيو ويو، چيني نائب وزيراعظم جو هوائي اڏي تي گهرو معاملن واري وفا??ي وزير راڻا ثناءُالله، رٿابندي تر??ي واري وفا??ي وزير احسن اقبال ۽ وزيراعظم جي صلاحڪار طارق فاطمي ۽ ٻين پاڪستاني اختيارين آجيان ڪئي. ٻن معصوم ٻارڙن کيس گل پيش ڪيا، چيني نائب وزيراعظم جهاز مان لهڻ کانپوءِ وفا??ي وزيرن سان هٿ به ملايو. معزز مهمان جي استقبال لاءِ ريڊ ڪارپيٽ وڇايو ويو. چيني نائب وزيراعظم هي لي فنگ سي پيڪ جي 10 سالن جي تقريبن ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان آيو آهي. هو پاڪستاني قيادت سان ٻطرفن لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. هي دورو پاڪستان ۽ چين وچ ۾ اعليٰ سطحي مٽاسٽا جو حصو آهي.
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری آن لائن