اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ مريم اورن??زي?? مسلم ليگ (ن) جي بنا مقابلي سيڪريٽري اطلاعات چونڊجي وئي. مسلم ليگ (ن) جي جنرل ڪائونسل جي اجلاس ۾ مريم اورن??زي?? سيڪريٽري اطلاعات جي عهدي جي لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا، ان جي مقابلي ۾ ڪنهن به اميدوار نامزدگي ڪاغذ جمع نه ڪرايا، اهڙي طرح هوءَ مسلم ليگ (ن) جي بنا مقابلي سيڪريٽري اطلاعات چونڊجي وئي. مريم اورن??زي?? چار سال (2023ع کان 2027ع) جي مدي لاءِ پارٽي جي سيڪريٽري اطلاعات هوندي. ان موقعي تي ڳالهائيندي مريم اورن??زي?? چيو ته مسلم ليگ (ن) جي سيڪريٽري اطلاعات چونڊجڻ منهنجي لاءِ فخر جوڳو آهي، اعتماد ڪرڻ تي پارٽي قائدين ۽ ڪارڪنن جي ٿورائتي آهيان. انشاءَ الله پارٽي قائد نواز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان جي ترقي جو سفر جاري رهندو.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا جیک پاٹ