اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خاتمي جي لاءِ ڪوششون جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي شهيدن کي وطن جي لا??ِ جان جو نذرانو پيش ڪرڻ تي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پري?? ونگ پاران جاري تعزيتي بيان موجب صدر برگيڊيئر مصطفيٰ برڪي ۽ ٻين سپاهين جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن چيو ته دهشتگردن جي مڪمل خاتمي لاءِ قوم پنهنجي بهادر فوجين سان گڏ آهي. صدر شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪندي شهيدن کي وطن جي لا??ِ جانين جا نذرانا ڏيڻ تي خراج عقيدت پيش ڪيو.
مضمون کا ماخذ : کراچی لاٹری