اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان قومي سلامتي ب??بت اسرائيلي وزير ??ي مسجد اقصيٰ جي اڱڻ جي دوري جي اشتعال انگيز قدم جي سخت مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ هڪ بيان ۾ چيو آهي ته مسجد اقصيٰ هڪ مقدس جڳهه آهي جنهن جو سڄي دنيا جا مسلمان احترام ڪن ٿا، ان جي تقدس جي خلاف ورزي مسلمانن ??ي مذهبي حساسيت کي مجروح ڪري ٿي ۽ والاريل فلسطيني علائقن ۾ اڳ کان ڇڪتاڻ واري صورتحال کي هوا ڏي ٿي. هن چيو ته اسرائيل کي گهرجي ته هو پنهنجا غيرقانوني قدم بند ڪري ۽ والاريل فلسطيني علائقن ۾ مسلمانن ??ي مذهبي جاين جي تقدس جو احترام ڪري. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان فلسطيني عوام جي جائز جدوجهد جي ڀرپور حمايت کي ورجائي ٿو، پاڪستان گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي ??اڳاپيل قراردادن موجب 1967ع کان اڳ جي سرحدن سان گڏ هڪ قابل عمل، خودمختيار ۽ متصل فلسطيني رياست ??نهن القدس الشريف گادي وارو شهر هجي، جي ??نهن??ي مطالبي جي تجديد ڪري ٿو.
پاڪستان پاران اسرائيلي وزير جي مسجد اقصيٰ جي اڱڻ جي دوري جي اشتعال انگيز قدم جي سخت مذمت
مضمون کا ماخذ : sorteos dupla sena