اسلام آباد – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته غلط ۽ جعلي خبرن جي عمر مختصر هوندي آهي، پنهنجي موقف جي تصديق تي الله جي آڏو ڪنڌ جهڪايان ٿو، ٽن سالن تائين عمران خان من??نجي ڪردارڪشيءَ ڪئي هر ح?? پار ڪئي، بي بنياد الزامن سان من??نجو ۽ من??نجي خاندان جو مذاق اڏايو ويو، فتح سچائي جي ٿيندي آهي. ڊيلي ميل پاران غلط خبر ڇاپڻ تي معذرت تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته عمران خان ۽ ان جي حوارين مسلسل ٽي سال من??نجي ڪردارڪشيءَ جي هر ح?? پار ڪئي، انهن کي ان مهم دوران اهو خيال به نه آيو ته ان جي ان ڪڌي مهم سان ملڪ جي ساک کي نقصان پهچندو ۽ ان جا دوست ملڪن سان لاڳاپا متاثر ٿيندا. وزيراعظم چيو ته مون تي ۽ من??نجي خاندان تي بي بنياد الزام هنيا ويا پر مون کي الله تع??ليٰ جي ذات تي پورو ڀروسو آهي رڳو اهو ئي ان جو ڪوڙ بي نقاب ڪري سگهي ٿو. غلط ۽ جعلي خبرن جي عمر مختصر هوندي آهي فتح سدائين سچائي جي ٿيندي آهي ۽ ڊيلي ميل جي خبر اهو ثابت ڪيو آهي.
غلط ۽ جعلي خبرن جي عمر مختصر هوندي آهي، پنهنجي موقف جي تصديق تي الله جي آڏو ڪنڌ جهڪايان ٿو: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : قدیم مصری کلاسک