اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) دادو ضلعي جي ڳوٺ فيض محمد درياني چانڊيو ۾ باهه جي متاثرين ۾ امدادي چيڪس ورهايا آهن. اين ڊي ايم اي پاران جاري پڌرائي موجب 18 اپريل 2022ع سومر جي رات دادو ضلعي جي ڳوٺ ۾ تيز هوائن جي ڪري پيش آيل افسوسناڪ باهه جي واقعي ۾ 8 ماڻهو فوت، 3 زخمي جڏهن ته 75 خاندان متاثر ٿيا هئا. باهه جي متاثرين جي امداد لاءِ وزيراعظم پاران فوت ٿيندڙن جي پو??يئ??ن سان گڏوگڏ زخمين ۽ ٻ??ن متاثر خاندانن جي لاءِ هڪ ڪروڙ رپين جي پئڪيج جو اعلان ڪيو ويو هو. واضح رهي ته ڄاڻايل چيڪس اين ڊي ايم اي پي ڊي ايم اي سنڌ ?? ضلعي انتظاميا دادو جي معاونت سان متاثر خاندانن ۾ ورهايا آهن.
مضمون کا ماخذ : موبائل سے لاٹری کھیلیں