اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان بل اينڊ ميلنڊاگيٽس فائونڊيشن (BMGF)جي شريڪ چيئرمين بل گيٽس کي ٽيليفون ڪئي ۽ پوليو جي خاتمي جي ڪوششن ۽ پاڪستان ۾ غذايت ۽ مالي خدمتن کي بهتر بڻائڻ لاءِ فائونڊيشن جي تعاون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.
وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم بل گيٽس کي پوليو جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي ??سلسل اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ۽ بي ايم جي ايف پاران فراهم ڪيل مدد کي ساراهيو. هن چ??و ته ملڪ ۾ هن سال وائلڊ پوليو وائرس جو صرف هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو آهي ۽ وائلڊ پوليو وائرس جا مثبت ماحولياتي نمونا ڪافي حد تائين گهٽ ٿيا آ??ن، وزيراعظم چ??و ته مثبت اڳڀرائي جي باوجود مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ اڃان به ڪم جاري آهي، هن ان ڳالهه تي ??ور ڏنو ته حڪومت ملڪ ۾ هر قسم جي ??وليو جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي. بل گيٽس وزيراعظم جي عزم جي ??اکاڻ ڪئي ۽ فائونڊيشن پاران پاڪستان ۾ پوليو پروگرام کي جاري رکڻ جو ورجاءُ ڪ??و ته جيئن ان ڳالهه کي يقيني بنائي سگهجي ته پاڪستان ۾ ڪنهن به ٻار کي پوليو وائرس جو خطرو نه ٿئي.
بل گيٽس وزيراعظم جي ??يادت ۾ آگسٽ ۾ پوليو جي ??ڌيڪ خطرن وارن ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن سان گهرايل اجلاس جي ڏس ۾ مثبت ڪوششن ۽ ان جي اثرن کي ساراهيو. وزيراعظم ۽ بل گيٽس افغانستان ۾ صحت جي ??ظام جي حوالي سان ڳڻتي ??و اظهار ڪيو جيڪو پاڪستان سان پوليو جو شڪار دنيا جو ٻيو ملڪ آهي، هن ان بيماري جي خاتمي لاءِ افغانستان ۾ پوليو جي ??هم ٻيهر شروع ڪرڻ جي اهميت ۽ پوليو جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي تازي ڪاميابي جي حفاظت تي ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي.
وزيراعظم چ??و ته افغانستان جي اڌ کان وڌيڪ آبادي غربت جي ??ڪير کان هيٺ واري زندگي گذاري رهي آهي ۽ ان کي مالي مدد جي ضرورت آهي. هن بل گيٽس کي درخواست ڪئي ته هو افغان عوام کي انساني همدردي جي بنياد تي ??مداد فراهم ڪرڻ تي ??ور ڪري، بل گيٽس وزيراعظم کي پاڪستان ۾ ڪووڊ – 19 ويڪسين جي تياري ۾ مبارڪباد ڏني ۽ فائونڊيشن پاران احساس پروگرام سميت حڪومت جي انتظام هيٺ پروگرامن جي ??سلسل حمايت جو ذڪر ڪيو جيڪو غربت کي گهٽ ڪرڻ ۽ ڪارانداز جي ڪري قومي ب??ت پروگرام جي ڊجيٽلائيزشن لاءِ شاندار اڳڀرائي ڪري رهيو آهي. بل گيٽ پاڪستانين جي صحت ۽ ڀلائي لاءِ گيٽ فائونڊيشن جي ذريعي مسلسل تعاون جي آڇ ڪئي، وزيراعظم بل گيٽ جو پاڪستان سان فائونڊيشن جي ??ابل قدر سهڪار تي ٿورو ادا ڪيو.