اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اسلام آباد ۾ بنا سيڪيورٽي ۽ پروٽوڪول جي مختلف جاين جو اوچتو دورو ڪري وفاقي گادي وا??ي شهر ۾ ڪاروباري سرگرمين، ترقياتي ڪمن ۽ ڪورونا ايس او پيز تي عملدرآمد جو جائزو ورتو. وزيراعظم ٺيلهو هڻندڙن سان ملاقات ڪ??ي انهن کان حالتون ??علوم ڪيون، شهرين وزيراعظم کي اوچتو پنهنجي وچ ۾ ڏسي خوشگوار حيرت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم عمران خان بنا پروٽوڪول گاڏي پاڻ ڊرائيو ڪري جي اليون ??رڪز جو دورو ڪيو جتي هن ٺيلهي وارن کان انهن جون حالتون ??علوم ڪيون، ٺيلهي وارن احساس پروگرام تحت جڳهه فرا??م ڪرڻ تي وزيراعظم عمران خان جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته توهان پهريان وزيراعظم آهيو جنهن عام مزدور ۽ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ طبقي جو احساس ڪيو، ٺيلهي جي لاءِ جڳهه فرا??م ڪرڻ تي حڪومت جا ٿورا مڃون ??ا، وزيراعظم عمران خان ڪورونا ايس او پيز تي عملدرآمد جي تاڪيد ڪئي ۽ چيو ته سڀ ماسڪ جو استعمال لازمي ڪن ۽ ڪاروبار سان گڏوگڏ پاڻ کي ان وبا کان به بچائين، وزيراعظم ضرورت جي شين جي قيمتن جو پڻ جائزو ورتو، شهرين وزيراعظم کي اوچتو پنهنجي وچ ۾ ڏسي خوشگوار حيرت جو اظهار ڪيو، وزيراعظم پاڻ گاڏي ڊرائيو ڪندي ۽ عام شهري وانگر سگنلز تي رڪندي آئي نائين پڻ ويو جتي هن سيوريج ٽريٽمينٽ پلانٽ جو پڻ معائنو ڪيو.
وزيراعظم پاران اسلام آباد ۾ بنا سيڪيورٽي ۽ پروٽوڪول جي مختلف جاين جو اوچتو دورو
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ ڈاؤن لوڈ کریں