اسلام آباد – 25 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي هدايتن موجب احساس پروگرام هلندڙ ٽن مهينن ۾ ملڪ جي مختلف حصن ۾ 11 پناهگ??هن (شيلٽر هوم) جو افتتاح ڪيو آهي جنهن ۾ 5 پناهگاهون ڪراچي ۾، 4 بلوچستان جي ضلعن ڪوئيٽا، قلعه عبدالله، گوادر ۽ لسٻيله ۾ جڏهن ته هڪ هڪ پناهگاه گلگت بلتستان ۽ خيبرپختونخوا جي ضلعن اسڪردو ۽ مردان ۾ تربيتوار قائم ڪيون ويون آهن. ضرورت موجب وڌ کان وڌ مزدورن تائين رسائي لاءِ اهي پناهگاهون گهٽ آمدني وارن ۽ پناهگير مزدورن جي رهائشي علائقن ۾ قائم ڪيون ويون آهن، پناهگ??هن جو تصور وزيراعظم جي بي وس ۽ لاچار ماڻهن کي سهولت ۽ انهن جي وقار کي برقرار رکڻ جي ويزن جي عڪاسي ڪري ٿو. پناهگاهون ماڻهن کي موسم جي شديد صورتحال ۽ سردي ۽ گرمي کان محفوظ رکن ٿيون، گذريل سال آگسٽ ۾ وزيراعظم غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري ڊويزن کي پناهگ??هن جي معيار کي بهتر بڻائڻ جي ذميداري سونپي هئي، ان کانپوءِ ڪم کي تيزي سان ڪيو ويو ۽ هڪ فريم ورڪ ??يا?? ڪيو ويو جنهن تحت اسلام آباد ۾ سمورين پنج پناهگ??هن جي معيار کي اپ گريڊ ڪيو ويو، غربت جي خاتمي ڊويزن پاليسي فريم ورڪ ??يا?? ڪيو ۽ پاڪستان بيت المال کي ان تي عملدرآمد جي ذميداري سونپي وئي، غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري ڊويزن مان جاري پريس رليز موجب وزيراعظم عمران خان جي خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو آهي ته اهي پناهگاهون هڪ بيڊ ۽ ناشتي جي سهولت سان کاڌو، ضروري سامان، ??فا??ي سٿرائي ۽ تحفظ فراهم ڪنديون آهن ۽ هر پناهگاه ۾ 500 جي لڳ ڀڳ ماڻهن کي مفت کاڌو ۽ رات جي قيام لاءِ 100 بسترن جي سهولت فراهم ڪئي ويندي آهي.
وزيراعظم جي هدايتن تي احساس پروگرام هلندڙ سال 11 پناهگاهن افتتاح ڪيو ويو
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری انعامات