بيجنگ-11 نومبر (اي پي پي) چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان لي جيان چيو آهي ت?? چين ۽ پاڪستان وچ ۾ گڏ??ل اعتماد ۽ سهڪار کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪا به ڪوشش ڪامياب نه ٿيندي. گذريل ڏينهن چيني ميڊيا مطابق ترجمان چيو ته چين دهشتگردي جي خاتمي جي ڪارروائين کي اڳتي وڌائڻ ۾ پاڪستان جي حمايت جاري رکندو ۽ پرڏيهه ۾ چيني شهرين جي سرگرمين ۽ ادارن جي سلامتي جي ثاب?? قدمي سان گڏ حفاظت ڪندو. چين پاڪستان ناتن کي خراب ڪرڻ واري سموري سازشن کي ناڪام بڻائڻ ۽ دهشتگردن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ جو عزم ۽ صلاحيت رکي ٿو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته چين ۽ پاڪستان سدا بهار اسٽريجٽڪ سهڪار جا شراڪتدار آهن، چين ۽ پاڪستان وچ ۾ گڏ??ل اعتماد ۽ سهڪار کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪا به ڪوشش ڪامياب نه ٿيندي.
مضمون کا ماخذ : ڈاگ ہاؤس