ڪازان-25 آڪٽوبر(اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ ايران جي هم منصب صدر مسعود پيز شڪيا?? سان ملاقات ڪئي جنهن دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪي?? ويو. ميڊيا رپورٽن موجب ملاقات دوران چين جي صدر چي?? ته عالمي ۽ علائقائي سطح تي صورتحال جي تبديلي جا اثر چين – ايران لاڳاپن تي اثر انداز نه ٿيندا ۽ چين ايرا?? سان پنهنجي دوستي کي مضبوط بڻائيندو رهندو. روس جي شهر ڪازان ۾ برڪس ملڪن جي سربراهي اجلاس دوران ايران جي صدر مسعود پيز شڪيان چين جي صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪئي. برڪس ڪانفرنس دوران ايران جي صدر ميمبر ملڪن تي زور ڀري?? ته اهي غزه ۽ لبنان ۾ جنگ جي ??ات??ي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن . ڪانفرنس ۾ صدر شي جن پنگ غزه ۽ لبنان ۾ جنگ بندي جو مطالبو ورجائيندي چي?? ته فلسطين مسئلي جي جامع ۽ منصفاڻي حل لاءِ اڻٿڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ايران جي صدر سان ملاقات ۾ شي جن پنگ چي?? ته غزه جنگ جو ??ات??و علائقي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ تمام اهم آهي. صدر شي جن پنگ وڌيڪ چي?? ته قومي خودمختياري ?? سلامتي ۽ قومي وقار جي تحفظ، اقتصادي ۽ سماجي ترقي کي مستقل طور تي اڳيان وڌائڻ لاءِ چين ايران جي حمايت هميشه جاري ??کندو.
چين جي صدر شي جن پنگ جي ايران جي هم منصب سان ملاقات، ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا وڌائڻ جو عزم ظاهر
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا اطلاق