گڏيل قومون-06 سيپٽمبر (اي پي ??ي) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ??فغانستان جي گادي واري شهر ڪابل ۾ گذريل ڏينهن ٿيل دهشتگرد حملي جي مذمت ڪئي آهي جنهن جي ذميواري داعش خراسان قبول ڪئي. پرڏيهي خابرو اداري موجب سلامتي ڪائونسل ??ي ميمبرن گذريل ڏينهن پريس بيان ۾ ڪابل ۾ ٿيل دهشتگرد حملي جي مذمت ڪئي، جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو فوت ۽ زخمي ٿيا. سلامتي ڪائونسل ??ي ميمبرن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته دهشتگردي پنهنجي سمورين شڪلين ۾ افغانستان سان گ??وگڏ دنيا ۾ امن ۽ سلامتي لاءِ سنگين خطرن مان هڪ آهي. هن زور ڀريو ته دهشتگردي جي ڪاررواين ۾ ??لو?? عنصرن، مالي مدد ۽ سرپرستي ڪندڙن کي ??نص??ف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. هن گ??يل قومن جي سمورن ميمبر ملڪن تي زور ڀريو ته اهي عالمي قانونن ۽ سلامتي ڪائونسل ??ي لاڳاپيل ٺهرائن تحت پنهنجي ذميوارين موجب ان سلسلي ۾ سمورن لاڳاپيل عملدارن سان فعال تعاون ڪن.
گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل پاران ڪابل ۾ دهشتگرد حملي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ پاکستان