بيروت _ 29 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪا سم??ت نيٽو جي ڪيترن ??يمبر ملڪن لبنان ۾ موجود پنهنجن شهرين کي چيو آهي ته اسرائيل ۽ حز?? الله وچ ۾ امڪاني طور تي ڀرپور جنگ کي نظر ۾ رکندي فوري طورتي ملڪ ڇڏي ڏين. ڇنڇر تي اسرائيل جي قبضي هيٺ گولان جي جبلن واري شهر مجدان شمس ۾ راڪيٽ حملي ۾ 12 ماڻهن مارجي وڃڻ بعد خطي ۾ ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿي ويو آهي. اسرائيلي ڊيفنس فورسز دعوى ڪئي آهي ته اهو ايراني ساخت جو ميزائل هو جنهن کي حز?? الله ڏکڻ لبنان مان فائر ڪيو هو پر حز?? الله ان حملي ۾ ملوث ٿيڻ کان انڪار ڪيو. بيروت ۾ آمريڪي سفارتخاني طرفان جاري ايڊوائزري ۾ آمريڪي شهرين تي زور ڏنو ويو آهي ته هو لبنان جي سفر تي سختي سان نظر ثا??ي ڪن ڇو جو ملڪ ۾ سيڪيورٽي صورتحال خراب ٿي وئي آهي ۽ تيزي سان تبديل ٿي سگهي ٿي.
مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج