ولنيئس -12 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪي صدر جوبائيڊن سوئيڊن جي نيٽو ۾ شموليت جي مخالفت ختم ڪرڻ تي پنهنجي ترڪ هم منصب رجب طيب اردگان جو شڪريو ادا ڪيو آهي ۽ ان جي همت ۽ دليراڻي قيادت جي تعريف ڪئي آهي ۽ سندس ان فيصلي کي هڪ وڏي سفارتي ڪاميابي قرار ڏنو آهي. سعودي خابرو اداري مطابق هن لٿوانيا جي گادي واري هنڌ ولنيئس ۾ نيٽو جي ٻن ڏينهن و??ري سربراهه اجلاس جي موقعي تي ترڪ صدر اردگان سان ملاقات دوران چيو ته مان اوهان جي سفارتڪاري ۽ ان کي اڳيان وڌائڻ لاءِ اوهان جي همت ۽ حوصلي تي توهان جو شڪرو ادا ڪرڻ چاهيان ٿو. فرانسيسي خابرو اداري مطابق آمريڪي اختيارين ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته ترڪ صدر جي ان فيصلي کان پوءِ آمريڪا طرفان ترڪيه کي ايف16 ويڙهاڪ جهازن جي فراهمي وارا قدم تيز ??يا ويا آهن. واضح رهي ته اولهه گادي واري هنڌ ترڪ صدر طرفان سوئيڊن جي ميمبر شپ جي راهه م ??ڪا??ٽ وجهڻ تي مايوسي ۾ اضافو ٿي رهيو هو. سوئيڊن جي اتحاد ۾ شموليت جي ڪوشش کي م??مل ٿيڻ لاءِ نيٽو جي ميمبرن جي گڏيل منظوري گهربل هئي. سوئيڊن گذريل سال يوڪرين تي روس جي فوج جي حملي جواب ۾ فن لينڊ سان گڏ ملي نيٽو جي ميمبرشپ لاءِ ڪوشش شروع ڪئي هئي پر ترڪيه ۽ هنگري ان جي مخالفت ڪري رهيا هئا.
آمريڪي صدر سوئيڊن جي نيٽو ميمبرشپ جي مخالفت ختم ڪرڻ تي ترڪيه جي هم منصب جو شڪريو ادا ڪيو
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری لائیو