اسلام آباد – 27 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جمهوريه انڊونيشيا جي صدر جوڪو ويدودو جي وزيراعظم هائوس اسلام آباد پهچڻ تي شاندار آجيان ڪئي. وزيراعظم هائوس پهچڻ تي صدر ويدودو کي هٿي??رب??د فوج جي دستي گارڊ آف آرنر پيش ڪيو. ڳالهه ٻولهه کانپوءِ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ صدر ويدودو جي وچ ۾ وفد جي سطح تي ٻطرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي وسيع عالمي ۽ علائقائي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه کي ورجايو ته پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي عوام جي وچ ۾ سياسي، ثقافتي، مذهبي لاڳاپا آهن ۽ جمهوري قدرن جي لاءِ احترام رکن ٿا. اسلامي دنيا جي سڀ کان وڏن ملڪن ه??ند?? ٻئي ملڪ ترقي، خوشحالي، استحڪام، سلامتي ۽ علائقائي سلامتي تي متحد آهن.
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی