اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسان کي گڏجي پوليو جهڙي چئلينج کي شڪست ڏيڻي آهي، جلد پاڪستان پوليو فري ملڪ بڻجندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پوليو اوور سائيٽ بورڊ جي وفد ملاقات ڪئي. وفد ۾ بل اينڊ ملينڊا گيٽس فائونڊيشن جو نمائندو ڪرسٽوفر ايلياس، صحت جي عالمي اداري جو ريجنل ڊائريڪٽر ڊاڪٽر حنان بلخي، يونيسيف روزا جو ريجنل ڊائريڪٽر سنجي وجيسيڪارا، سينٽر فار ڊيزيز ڪنٽرول اينڊ پرويوينشن جي ??پٽي ڊائريٽر اينڊريا فرسٽڊٽ، روٽري فائونڊيشن جو ٽرسٽي ۽ نيشنل چيئر عزيز ميمڻ، ڪنگ سلمان هيومنٽرين اينڊ ريليف سينٽر جو ڊاڪٽر زياد ميمش ۽ ڪي ايس ريليف جو هيلٿ ۽ انوائرمنٽل ايڊوائيزر ڊاڪٽر عبدالله صالح شامل هئا. وزيراعظم پاڪستان اچڻ تي ۽ پوليو جي خا??مي ج?? ڪوششن ۾ پاڪستان حڪومت جو ساٿ ڏيڻ تي وفد جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم ڪنگ سلمان فائونڊيشن، بل اينڊ ملينڊا گيٽس فائونڊيشن، روٽري فائونڊيسن، يونيسيف ۽ سي ڊي سي جا ٿورا مڃيا جيڪي پوليو جي خا??مي واري مهم ۾ پاڪستان حڪومت سان شريڪ آهن، انهن سمورين تنظيمن جو ڪردار پوليو جي خا??مي واري مهم ۾ عالم?? ڪوششن کي ظاهر ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته اسان کي گڏجي پوليو جهڙي چئلينج کي شڪست ڏيڻي آهي، جلد پاڪستان پوليو فري ملڪ بڻجندو. وزيراعطم چيو ته جيستائين پوليو کي سدائين جي لاءِ شڪست نه ڏينداسين سک سان نه ويهنداسين، پوليو جي خا??مي جي حوالي سان سمورن صوبن کي اعتماد ۾ ورتو ويو آهي ۽ وفاق ۽ سمورا صوبا گڏجي پوليو جي خا??مي جي خلاف قدم کڻي رهيا آهن. وزيراعظم پوليو جي خا??مي جي حوالي سان سمورن وڏن وزي??ن ۽ چيف سيڪريٽرين جي ??ارڪردگي کي ساراهيو. وفد پوليو جي خا??مي جي حوالي سان وزيراعظم ۽ سندس ٽيم ج?? ڪوششن کي ساراهيو. بل اينڊ ملينڊا گيٽس جي نمائندي ڊاڪٽر ڪرسٽوفر ايلياس چيو ته پاڪستان جي پوليو جي خا??مي جي موجوده حڪمت عملي تي بهتر طريقي سان عملدرآمد ٿي رهيو آهي جنهن جا نتيجا ميڪرو سطح تي نظر اچڻ شروع ٿي ويا آهن، جلد ئي پوليو ڪيسز ۾ گهٽتائي اچڻ شروع ٿي ويندي. صحت جي عالمي اداري جي نمائندي ڊاڪٽر حنان بلخي چيو ته صحت جي حوالي سان خطي جي ملڪن کي رابطا بهتر ڪرڻ ۽ ان حوالي سان ڊائيلاگ شروع ڪرڻ جي ضرورت آهي. ملاقات م پوليو جي خا??مي جي حوالي سان حڪومت?? ڪوششن تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي هدايت تي تازو ئي ٿيندڙ پوليو جي خا??مي واري مهم دوران قومي صحت واري وزارت ۽ پوليو جي خا??مي واري پروگرام سان لاڳاپيل آفيسرن پوليو کان متاثر ڏورانهن علائقن جو دورو ڪيو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي هدايت تي تازو پوليو جي خا??مي واري مهم جي ٿرڊ پارٽي آڊٽ ڪرائي وئي آهي، جن ٻارن ۾ پوليو جي سُڃاڻپ ٿي آهي انهن جي سارسنڀال ڪئي پئي وڃي. ملڪ جي جن علائقن ۾ ٻارن ۾ پوليو ويڪسينيشن جي شرح بهتر آهي اتي پوليو جو ڦهلاءُ گهٽ آهي. ملاقات ۾ وزيراعظم جي قومي صحت وار?? ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر مختار احمد ڀرٿ، وزيراعظم جي پوليو جي خا??مي واري فوڪل پرسن عائشه رضا فاروق ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.
اسان کي گڏجي پوليو جهڙي چئلينج کي شڪست ڏيڻي آهي، جلد پاڪستان پوليو فري ملڪ بڻجندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : números sorteados lotomania