اسلام آباد- 19 نومبر (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري س??ن جرمن سفير الفريڊ گراناس ملاقات ڪئي، جنهن ۾ توانائيءَ جي شعبي سميت گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ وفاقي وزير چيو ??ه جرمني تجديد جوڳي توانائي جي شعبي ۾ عالمي اڳواڻ آهي، پاڪستان 2034ع تائين پنهنجي توانائي مڪس ۾ 88 سيڪڙو تجديد جوڳي توانائي شامل ڪندو. هن چيو ??ه پاڪستان تمام ذميداري سان توانائيءَ جي شعبي ۾ هڪ مسابقتي مارڪيٽ متعارف ڪرائي رهيو ??هي ته ??يئن بجلي جي خريد ۽ وِڪري ۾ وڌيڪ شرڪت ڪندڙ شامل ٿي سگهن. هن چيو ??ه بجلي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي خاطرخواه موقعا موجود آهن جن م??ن جرمني جا سيڙپڪاري ڀرپور فائدو کڻي سگهن ٿا. جرمني پاڪست??ن جو هڪ قابل قدر ترقياتي ڀائيوار آهي ۽ بي ٽو بي رابطن کي هٿي ڏيڻ اس??ن جي ٻه طرفي ناتن جو هڪ اهم عنصر آهي. سفير چيو ??ه توانائي جي شعبي ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس ۽ بيٽري اسٽوريج ٽيڪنالاجيز سبب بجلي هر گذرندڙ ڏينهن سان وڌيڪ صلاحيت جي قابل بڻجي رهي آهي. هن چيو ??ه جرمني پاڪست??ن جي توانائيءَ جي شعبي ۾ سڌارن جي مالي معاونت لاءِ پُرعزم آهي ته ??يئن پاور سيڪٽر جي بنيادي مسئلن کي حل ڪري سگهجي. جرمن سفير چيو ??ه جرم??ي نجي شعبي پاڪست??ن جي توانائي جي شعبي ۾ هڪ فعال ڪردار ادا ڪري رهيو ??هي ۽ مختلف رٿائن ۾ سهڪار جاري رکندو. ملاقات دوران ٻنهي ڌُرين تجديد جوڳي توانائي کي هٿي ڏيڻ ۽ ٻين رٿائن ۾ گڏيل مشاورت اڳيان وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.
توانائيءَ واري وفاقي وزير سان جرمني جي سفير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : como ganhar na raspadinha