باڪو – 12 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آذربائيجان ??ي گادي واري شهر باڪو ۾ ڪانفرنس آف پارٽيز (ڪوپ 29) جي ڪلائميٽ ايڪشن سربراهي اجلاس جي افتتاحي تقريب جي موقعي تي عالمي اڳواڻن سان ??يررسمي ملاقاتون ڪيون آهن. وزيراعطم آفيس جي پريس ونگ پاران ??اري بيان موجب وزيراعظم جي گڏيل عرب امارات جي صدر محمد بن زيد النهيان ??ان ملاقات ٿي جنهن ۾ پاڪستان – گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ موسمياتي تبديلي جي حوالي سان ??عاون سميت ??ڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم جي ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان ۽ ترڪيه جي خاتون اول امينه اردوان ??ان پڻ ملاقات ٿي جنهن ۾ ترڪيه پاڪستان ??ي ماحولياتي آلودگي ۽ موسمياتي تبديلي کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ جي حوالي سان ??عاون سميت ??ڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم جي ان موقعي تي عالمي اڳواڻن سان ??يررسمي ملاقاتون پڻ ٿيون. وزيراعظم جي برطانيا جي وزيراعظم سرڪيئر اسٽارمر سان پڻ ملاقات ٿي جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ??رطانيا تعاون جي فروغ جي حوالي سان ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم جي ازبڪستان ??ي صدر شوڪت مرزيوف ۽ تاجڪستان ??ي صدر امام علي رحمان ??ان ملاقات ۾ وچ ايشيائي ملڪن ۽ پاڪستان ۾ گليشيئرز ۽ پاڻي وسيلن جي تحفظ تي ڳالهه ٻولهه سان گڏوگڏ پاڪستان ??ي تاجڪستان ۽ ازبڪستان ??ان مواصلاتي رابطن کي وسعت ڏيڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. نيپال جي صدر رام چندر پائوڊيل ۽ بنگلاديش جي عبوري حڪومت جي چيف ايڊوائيزر ڊاڪٽر محمد يونس سان وزيراعظم جي ملاقات ۾ ڏکڻ ايشيا ۾ وڌندڙ گرمي پد، بلند ٿيندڙ سامونڊي سطح جي خطرن ۽ ٻيلن جي تحفظ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ان کانسواءِ بنگلاديش ۽ نيپال سان پاڪستان ??ي ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ جي حوالي سان پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم جي قازقستان ??ي صدر قاسم جومارت توڪايف سان پڻ ملاقات ٿي جنهن ۾ پاڪستان قازقستان لاڳاپن جي فروغ ۽ علائقائي رابطن ۾ وسعت جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي. ان کان ??ڳ وزيراعظم محمد شهباز شريف باڪو، آذربائيجان ۾ ڪانفرنس آف پارٽيز (ڪوپ 29) جي ڪلائميٽ ايڪشن سربراهي اجلاس جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت لاءِ پهتو جتي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ۽ آذربائيجان ??ي صدر الهام عليوف وزيراعظم جو استقبال ڪيو. وزيراعظم ڪوپ 29 جي ڪلائميٽ ايڪشن سربراهي اجلاس جي گروپ فوٽو ۾ پڻ شريڪ ٿيڻ سان گڏوگڏ اجلاس جي افتتاحي تقريب ۾ پڻ شريڪ ٿيو جنهن ۾ آذربائيجان ??ي صدر ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل خطاب ڪيو. وزيراعظم باڪو ۾ منعقد ڪوپ 29 جي ڪلائميٽ ايڪشن سربراهي اجلاس ۾ پاڪستان کي موسمياتي تبديلي سان ??رپيش خطرن تي روشني وجهندو. وزيراعظم اهڙن اسرندڙ ملڪن خاص طور تي پاڪستان ??يڪي هر سال موسمياتي تبديلي جي ڪري ق??رت?? آفتن جي ور چڙهي جاني ۽ مالي نقصان کڻن ٿا، جي لاءِ آواز بلند ڪندو. وزيراعظم ڪوپ 29 جي ڪلائميٽ ايڪشن سربراهي اجلاس ۾ ٻوڏ جي تباهين کان متاثر ٿيندڙ لکين پاڪستانين جو ڪيس وڙهندو ۽ دنيا کي باور ڪرائيندو ته پاڪستان ??نهن جو ڪاربن گئسن جي اخراج ۾ حصو نه هجڻ جي برابر آهي، مشڪل ??عا??ڊي حالتن سان گڏوگڏ موسمياتي تبديلي جي مضر اثرن کي منهن ڏئي رهيو آهي. وزيراعظم عالمي اڳواڻن خاص طور تي اسرندڙ ملن کي انهن جي موسمياتي تبديلي جي حوالي سان ??ميواري قبول ڪرڻ ۽ اسرندڙ ملڪن جي انهن چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ تي زور ڏيندو.
وزيراعظم جُون باڪو ۾ ڪوپ-29 جي افتتاحي تقريب جي موقعي تي عالمي اڳواڻن سان غيررسمي ملاقاتون
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی قیمت