اسلام آباد-03 آگسٽ (اي پي پي)سڌ سماءَ، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله ??ارڙ چيو آه?? ته پاڪستان والاريل ڄمون ڪشمير جي عوام جي خوداراديت واري حق جي جنگ ۾ حمايت جاري رکندو. پاڪستان پنهنجو قومي فرض سمجهندي ڪشميري عوام کي انصاف جي فراهمي لاءِ هر عالمي فورم تي آواز اٿاريو آه?? ۽ اٿاريندو رهندو. اهي ڳالهيون هن برلن ?? پاڪستاني سفارتخاني جي اهتمام هيٺ ”يوم استحصال ڪشمير“ جي موقعي تي والاريل ڪشمير جي عوام سان يڪجهتي طور منعقد ويبينار کي ويڊيو لنڪ وسيلي پنهنجي خطاب دوران ڪيون. وفاقي وزير چيو ته ڀارت ڪشميري عوام جي خوداراديت واري حق کي ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ ڪشميري آبادي ۾ تبديليون آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آه??. 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت غيرقانوني طور تي ق??ضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ هڪ طرفين ڪارروائين جي شروعات ڪئي. انهن ڪارروائين جو مقصد ڪشميري عوام کي بي اختيار ڪرڻ، راءِ جي حق کان محروم ڪرڻ ۽ کين پنهنجي ئي ڌرتي تان بي دخل ڪرڻ آه??. هن چيو ته اڄ ڀارت دنيا کي اهو باور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آه?? ته ڄمون ڪشمير ان جي سرزمين جو هڪ غير تڪراري حصو آه??، پر اهو ڀارت ئي هو جيڪو ڄمون ڪشمير جي مسئلي کي سلامتي ڪائونسل ۾ کڻي ويو. سلامتي ڪائونسل ۾ ڄمون ڪشمير جي تڪراري حيثيت کي عالمي سطح تي تسليم ڪيو ويو. هن چيو ته ڀارت طرفان والاريل ڄمون ڪشمير تي وحشياڻو قبضو نه رڳو عالمي ق??نونن جي ڀڃڪڙي آه??، بلڪه انساني حقن جي عالمي سطح تي تسليم ٿيل اصولن جو مذاق آه??. هن چيو ته والاريل ڄمون ڪشمير جو عوام ڀارت جي غيرقانوني ۽ غاصباڻي ق??ضي خلاف لازوال قربانيون ڏئي رهيو آه??. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان والاريل ڪشمير جي عوام جي خوداراديت واري حق جي جنگ ۾ حمايت جاري رکندو. پاڪستان حڪومت ڪشميري عوام جي حمايت جي لاءِ متفقه ٺهراءَ منظور ڪري چڪي آه??، جنهن ۾ هندو پرست حڪومت جي انتهاپسنداڻن ارادن تي پنهنجي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آه??. هن چيو ته پاڪستان پنهنجو قومي فرض سمجهندي ڪشميري عوام کي انصاف جي فراهمي لاءِ هر عالمي فورم تي آواز اٿاريو آه?? ۽ اٿاريندو رهندو. هن چيو ته اسان جو پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان واعدو آه?? ته اسان سندن آواز هر فورم تي ان وقت تائين کڻي وينداسين جيستائين عالمي برادري ان مسئلي تي ايڪشن نه ٿي وٺي. وفاقي وزير چيو ته عالمي برادري جي ذميداري آه?? ته ڀارت مٿان انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين ۽ والاريل ڄمون ڪشمير تي 5 آگسٽ 2019ع کان هيستائين هڪ طرفو ۽ غيرقانوني ق??ضو ختم ڪرڻ لاءِ زور ڀري. ويبينار کي برلن ?? پاڪستاني سفير ثقلين سيده، لارڊ قربان حسين، پرشين سوسائٽي برلن جي اعزاز?? صدر وولڪر تسپڪي، ڪشميري اڳواڻن شميم شال، وشال ملڪ، الطاف حسين واني ۽ علي رضا سيد پڻ خطاب ڪيو ۽ ڀارت جي والار هيٺ ڄمون ڪشمير جي سنگين صورتحال تي روشني وڌي.
پاڪستان والاريل ڄمون ڪشمير جي عوام جي خود اراديت واري جنگ ۾ حمايت جاري رکندو: سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : پرامڈ ادا کرتا ہے۔