اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني سان چي?? جي نائب پرڏيهي وزير سن ويڊونگ سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نگران پرڏيهي وزير ۽ چيني نائب پرڏيهي وزير هر آزمائش تي پورو لهندڙ تعاون تي ٻڌل اسٽريٽجڪ حصيداري ??و ورجاءُ ڪيو ۽ سي پيڪ ۽ گ??يل اقتصادي ۽ مالي تعاون سميت ٻطرفن لاڳاپ?? جي سمورن رخن تي تفصيلي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب نگران پرڏيهي وزير پاڪ چين دوستي کي مضبوط بڻائڻ ۾ چي?? جي نائب پرڏيهي وزير جي خدمتن کي ساراهيو ۽ سمورن معاملن تي چين پاران پاڪستا?? جي اڻٿڪ حمايت کي ساراهيو. هن سي پيڪ جي مسلسل ترقي تي اطمينان جو اظهار ڪندي پاڪستا?? جي لاءِ سي پيڪ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته پاڪستان گڏيل فائد?? جي لاءِ سي پيڪ جي مڪمل صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ ڪوششون جاري ??کندو. هن پاڪستان ۾ سي پيڪ جي سمورن منصوب?? جي لاءِ چي?? جي تياري ۽ تعاون کي پڻ ساراهيو. چي?? جي نائب پرڏيهي وزير شاندار ميزباني تي نگران پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيندي چيو ته آئرن برادرز ۽ قابل اعتماد دوست جي حيثيت سان چين پنهنجي پرڏيهي پاليسي ۾ پاڪستان کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ سمورن شعبن ۾ وڌيڪ گهري ??عاون جو خواهشمند آهي.
نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني سان چين جي نائب پرڏيهي وزير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : bolão quina