اسلام آباد – 07 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان کي پاڻي جي کوٽ جي وڌندڙ بحران کان بچائ?? جي لاءِ زراعت ۾ ڊرپ ۽ اسپري ايريگيشن جهڙن پاڻي جي گهٽ خرچ ۽ سمارٽ طريقن کي استعمال ڪر?? جي ضرورت آهي، زرعي شعبو ملڪ جو اٽڪل 95 سيڪڙو پاڻي استعمال ڪري ٿو جنه?? جي لا??ِ پاڻي جي استعمال ۾ بچت جي حوالي سان فوري منصوبابندي ۽ سڌارا ڪرڻ گهرجن. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد ۾ منعقد موسمياتي لحاظ کان لچڪدار پاڪستان ۾ پاڻي ۽ خوراڪ جي نظام جي لاءِ تبديلي جي رستي جي موضوع تي عالمي ڪانفرنس کي وڊيو لنڪ خطاب ۾ ڪيو. ڪانفرنس جو اهتمام انٽرنيشنل واٽر مئنيجمينٽ انسٽيٽيوٽ، پاڪستان ڪائونسل ريسرچ واٽر ريسورسز، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري وزارت، پاڻي وسيلن واري وزارت، موسمياتي تبديلي واري وزارت ۽ يونيسيف ڪيو جنهن ۾ عالمي ۽ مقامي پاڻي ماهرن شرڪت ڪئي. پنهنجي خطاب ۾ صدر چيو ته پاڪستان کي پنهنجي موجوده پاڻي وسيلن کي محفوظ بڻائ?? جي لاءِ موثر انتظام جي ضرورت آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلين ۽ قدرتي آفتن سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ دنيا جي 10 سرفهرست ملڪن ۾ شامل آهي. هن چيو ته پاڪستان کي درپيش پاڻي جو بحران سڀ کان اهم چئلينجن مان هڪ آهي جيڪو آبادي ۾ تيزي سان اضافي، شهر?? جي ڦهلاءُ، صنعتڪاري، پاڻي وسيل?? جي کوٽ، ماحولياتي بگاڙ، موسمياتي تبديلين ۽ غيرمعقول انساني روي?? جي ڪري وڌي ٿو. هن هيٺئين سطح تي جديد زرعي ٽيڪنالاجي کي فروغ ڏي?? جي لاءِ تحقيق ۽ فني جدت تي زور ڏنو ۽ چيو ته آبادگارن کي پاڻي جي تحفظ، برسات جي پاڻي کي زخيرو ڪرڻ ۽ لاڳاپيل ٽيڪنالاجي بابت آگاهي ڏي?? جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪميونٽي جي شموليت ۽ قانونن جو نفاذ پاڻي جي موثر انتظام ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو. صدر چيو ته پاڪستان جا آبادگار آبپاشي جي روايتي طريقن تي دارومدار ڪن ٿا جنهن سان پاڻي ضايع ٿئي ٿو جڏهن ته دنيا ڊرپ ۽ اسپري آبپاشي ۽ پاڻي جي ري سائيڪلنگ تي عمل ڪري ٿي. هن چيو ته جيڪڏهن آبادگار متبادل فصل جي چونڊ ڪن ته جيڪو پاڻي جي استعمال جي حوالي سان گهٽ خرچ ٿئي ته فرق پئجي سگهي ٿو. ان موقعي تي صدر هالينڊ جو حوالو ڏنو جيڪو زميني ڪاٿي ۾ پاڪستان کان 19 ڀيرا ننڍو ملڪ آهي پر بهتر طريقا استعمال ڪري خوراڪ جي مصنوعات جو ٻيو وڏو برآمد ڪندڙ بڻجي ويو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي روين ۾ تبديلي تي زور ڏيندي چيو ته پاڻي جي استعمال جا اهڙا طريقا اختيار ڪيا وڃ?? جيڪي سستا ۽ فني طور تي بهتر هجن. پاڻي جي زيان کان بچ?? جي لاءِ زراعت ۽ شهري علائقن ۾ پاڻي جي قيمتن جو تعين ضروري آهي. هن چيو ته اسان کي ٽيلي ميٽري سسٽم کي بهتر بڻ??ئڻ?? آهي ۽ پاڻي جي منصفاڻي استعمال تي صوب?? جي وچ ۾ اعتمادسازي جو نظام تيار ڪرڻو آهي، ان ڏس ۾ سيٽلائيٽ ٽيلي ميٽري سسٽم مان فائدو کڻي سگهجي ٿو. هن نشاندهي ڪئي ته واٽر پمپنگ پاڻي ذخير?? جي سطح کي متاثر ڪيو آهي ۽ ا?? جي کوٽ کان بچ?? جي لاءِ روايتي پاڻي ذخيرن کي ري چارج ڪر?? جي طريق?? جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر صنعتي گندڪچري کي سمنڊ ۾ ڇڏڻ کان بچ?? جي لا??ِ پاڻي جي نيڪالي جي موثر نظام جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. ان موقعي تي ??ائ??يڪٽر جنرل پاڪستان ڪائونسل آف ريسرچ ان واٽر ريسورسز ڊاڪٽر حفضه رشيد، انٽرنيشنل واٽر مئنيجمينٽ انسٽيٽيوٽ مان ڊاڪٽر بنيود هوماتوف ۽ ڊاڪٽر جوآن ڪارلوس سانچيز راميرز، انٽرنيشنل فوڊ پاليسي ريسرچ انسٽيٽيوٽ مان ڊاڪٽر اسٽيفن ڊيوس ۽ آسٽريلين سينٽر فار انٽرنيشنل ايگريڪلچرل ريسچر مان ڊاڪٽر نيل لازارو پڻ خطاب ڪيو.
پاڪستان کي پاڻي جي کوٽ جي وڌندڙ بحران کان بچائڻ جي لاءِ سمارٽ طريقن کي استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کے نتائج