اسلام آباد – 26 – جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير ??لا??ل ڀٽو زرداري ۽ روسي فيڊريشن ج?? پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف جي وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ٻنه?? پرڏيهي وزيرن ٻ??رف?? معاملن ۽ مختلف شعبن ۾ وڌندڙ تعاون تي لاڀائتن خ??الن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي ت?? پرڏيهي وزير پنهنجي ر??سي هم منصب کي پاڪستان جي دوري جي دعوت جو پڻ ورجاءُ ڪيو. ٻنه?? پرڏيهي وزيرن بليڪ سي گرين انيشي ايٽو (بي ايس جي آئي) تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزير ??لا??ل ڀٽو زرداري ان قدم جي اهميت کي تسليم ڪندي خوراڪ جي قيمتن ۾ اضافي ۽ غذائي تحفظ بابت چئلينجن جو سبب بڻجندڙ عالمي غذائي سپلائي چين ۾ رڪاوٽ تي ان جي امڪاني اثرن کي تسليم ڪندي عمل جوڳي حل ڳولڻ جي لاءِ ٺوس ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن اسرندڙ ملڪن کي ان سان فائدو پهچي جيڪي اڳ ۾ ئي معاشي دٻاءُ ۾ آهن. هن اميد ظاهر ڪئي ته بي ايس جي آئي ۾ شامل سموريون ڌريون انيشي ايٽو کي بحال ڪرڻ جي لاءِ تعميري ڳالهه ٻولهه ۾ مصروف رهنديون. ان حوالي سان پرڏيهي وزير سمورين ڌرين جي خدشن کي ختم ڪندي معاهدي جي بحالي لاءِ عالمي ڪوششن جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي وزير ??لا??ل ڀٽو زرداري پنهنجي ر??سي هم منصب کي يوڪرين ۽ ترڪيءَ ج?? پرڏيهي وزيرن، آمريڪ?? پرڏيهي وزير ۽ يورپي يونين جي اعليٰ نمائندي سان بي ايس جي آئي تي ڳالهه ٻولهه کان آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف ان معاملي تي ر??س جي موقف جو اظهار ڪيو. ٻنه?? پرڏيهي وزيرن ان معاملي تي ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ روسي فيڊريشن جي پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف ۾ ٽيليفونڪ رابطو
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کی پیشن گوئی