اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته تاپي گئس پائيپ لائين منصوبو توانائي جي شعبي ۾ پاڪستان ۽ ترڪما??ست??ن جي وچ ۾ تذويراتي تعاون جو مظهر آهي، اهو منصوبو نه رڳو پاڪستان پر پوري خطي ۾ معاشي ترقي ۽ خوشحالي آڻيندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ترڪما??ست??ن جي اعليٰ سطحي وفد مملڪتي وزير ۽ ترڪمن گئس جي چيئرمين ڪمسات بائيف جي سربراهي ۾ ملاقات ڪئي. دورو ڪندڙ ترڪما??ست??ن جي وفد ۾ توانائي جي نائب وزير اناجيلدي سپاروف، چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ۽ بي او ڊي جي چيئرمين، ٽي پي سي ايل محمد ميرات امانوف کانسواءِ پاڪستان ۾ ترڪما??ست??ن جو سفير عطا جان مولاموف پڻ شامل هئا. وفد جي آجيا?? ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ترڪما??ست??ن جي وچ ۾ گڏيل تاريخ، ثقافت ۽ مذهب تي ٻڌل ڀائراڻا لاڳاپا آهن. وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن جي قيادت اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي خواهش رکي ٿي. هن زور ڏنو ته پاڪستان ترڪما??ست??ن جي توانائي جي ڀرپور ذخيرن تائين فوري پهچ جو گيٽ وي ثابت ٿي سگهي ٿو. تاپي گئس پائيپ لائين منصوبي جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته اهو منصوبو توانائي جي شعبي ۾ پاڪستان ۽ ترڪما??ست??ن جي وچ ۾ تذويراتي تعاون جو مظهر آهي. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته تاپي پاڪستان جي توانائي جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اسان جي حڪومتن جي ويزن جو هڪ اهم جز آهي جيڪو نه رڳو پاڪستان پر پوري خطي ۾ معاشي ترقي ۽ خوشحالي آڻيندو. هن منصوبي تي جلد عملدرآمد جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته سمورين لاڳاپيل ڌرين پاران دستياب سمورن وسيلن کي استعمال ۾ آڻيند?? ان منصوبي کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو ويندو. منصوبي جي مختلف حصن تي ڪم کي تيز ڪرڻ جي لاءِ، وزيراعظم خاص معاون ڊاڪٽر جهانزيب خان کي پاڪستان پاران فوڪل پرسن نامزد ڪيو هو سينيئر ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو سربراهه پڻ آهي. بعد ۾ وزيراعظم تاپي گئس پائيپ لائين گڏيل عملدرآمد منصوبي (جي آئي پي) جي معاهدي تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. معاهدي تي پيٽروليم واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ ۽ مملڪتي وزير ۽ ترڪمن گئس جي چيئرمين ڪمسات بابائيف صحيحون ڪيون. جي آئي پي جو مقصد تاپي گئس پائيپ لائين منصوبي تي ڪم کي تيز ڪرڻ آهي. تاپي پائيپ لائين منصوبي جومقصد 1814 ڪلوميٽر ڊگهي پائيپ لائين جي ذريعي ترڪما??ست??ن سان قدرتي گئس کي افغا??ست??ن، پاڪستان ۽ ڀارت تائين پهچائڻ آهي جنهن ۾ ساليانو 33 بلين ڪيوبڪ ميٽر قدرتي گئس جي چرپر جي گنجائش آهي. فعال ٿيڻ کانپوءِ تاپي منصوبو علائقائي توانائي جي منظرنامي کي بدلائي ڇڏيندو ۽ اقتصادي خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.
تاپي گئس پائيپ لائين منصوبو توانائي جي شعبي ۾ پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ تذويراتي تعاون جو مظهر آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : como jogar na loteria