اسلام آباد – 31 – مئي (ا?? پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن جي وطن جي لاءِ اڻٿڪ خدمتن ۽ قرباني تي انهن کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ??هي ته قوم شهيدن جي قربانين کي نه وساريندي ۽ اها سدائين انهن جي ٿورائتي رهندي. ا??وا?? صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر شهيدن جي پونئير?? سان ٽيليفون تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر 18 مئي تي باجوڙ ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي شفيق الرحمان جي وارث?? سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ڊاڪٽر عارف علوي 24 مئي تي دته خيل ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي جواد خان ۽ سعيدالله جي پونئير?? سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر شهيدن جي وطن لاءِ اڻٿڪ خدمتن ۽ قرباني تي انهن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن چيو ته قوم شهيدن جي قربانين کي نه وساريندي ۽ اها سدائين انهن جي ٿورائتي رهندي. صدر شهيدن جي حب الوطني جي جذبي ۽ فرض سان لڳاءُ کي پڻ ساراهيو. هن شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جي پڻ دعا ڪئي.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاران شهيدن جي وطن لاءِ اڻٿڪ خدمتن ۽ قرباني تي انهن کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش
مضمون کا ماخذ : اولمپس کا عروج