اسلام آباد – 13– اپريل (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ گڏيل ع??ب امارات (يو اي اي) جي سفير حماد عبيد ابراهيم سالم الزابي ملاقات ڪئي ۽ وز??راعظم کي گڏيل ع??ب امارات جي قيادت پاران ڪوپ 28 ۾ شرڪت جو دعوتنامو پهچايو، جيڪا 30 نومبر کان 12 ڊسمبر 2023ع تائين دبئي ۾ ٿيندي. وز??راعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وز??راعظم دعوت تي گڏيل ع??ب امارات جي قيادت جا ٿورا ??ڃيا. هن گذريل سال پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ امدادي سرگرمين ۾ اماراتي قيادت جي تعاون تي پڻ ٿورا ??ڃيا. وز??راعظم موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ ۾ گڏيل ع??ب امارات جي ڪردار کي ساراهيو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته يو اي اي جي ڪوپ 28 جي قيادت سان پاڪستان جهڙن ملڪن جيڪي موسمياتي تبديلين سان سڀ کان وڌيڪ خطري جو شڪار آهن، جي لاءِ بامعنيٰ نتيجا نڪرندا. هن سال جنوري ۾ گڏيل ع??ب امارات جي صدر جي پاڪستان جي ڪامياب دوري جو ذڪر ڪندي وز??راعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڀائراڻن ??اڳاپن کي گڏيل طور تي فائديمند اقتصادي لاڳاپن ۾ تبديل ڪرڻ ٻنهي ملڪن جي قيادت جو گڏيل عزم آهي. وز??راعظم چيو ته گڏيل ع??ب امارات 17 لک پاڪستانين جو گهر آهي جيڪي ٻنهي ڀائر ملڪن جي ترقي، خوشحالي ۽ معاشي ترقي ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ گڏيل عرب امارات جي سفير حماد عبيد ابراهيم سالم الزابي جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : راکی