اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪت?? وزير حنا رباني کر سان جرمن مملڪت?? وزير ڊاڪٽر ٽوبياس لينڊر ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن سميت اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي آفيس جي ??رجمان موجب مملڪت?? وزير حنا رباني کر پاڪستان پاران جرمني سان دوستي ۽ تعاون تي ٻڌل پراڻن لاڳاپن جي ??هميت تي زور ڏيندي واپار، سيڙپڪاري، اعليٰ تعليم، پيشيواراڻي تربيت، مائيگريشن ۽ قابل تجديد ??وا??ائي جي ??عبن ۾ گهڻ رخي ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي پاڪستان جي گهري خواهش جو اظهار ڪيو. ٻنهي طرفن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ قانوني هجرت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ تازو ئي ليٽر آف انٽينٽ تي صحيحون ڪرڻ جي قدم کي ساراهيو. پاڪستان جي ٻوڏ کان بچاءُ جي ڪوششن ۾ خاطرخواهه تعاون تي جرمني جا ٿورا مڃيندي مملڪت?? وزير چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي موسمياتي تبديلي ۽ غذائي تحفظ جهڙن گڏيل چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ??رورت تي زور ڏنو. ٻنه?? وزيرن اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جن ۾ افغانستانجي ??ورتحال، يوڪرين تڪرار، ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار ۽ عالمي برادري کي د??پيش معاشي چئلينجز شامل آهن.
پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر سان جرمن مملڪتي وزير ڊاڪٽر ٽوبياس لينڊر جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : como apostar na mega sena