اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۾ افغانستان جي ناظم الامور کي پر??يهي آفيس ۾ طلب ڪيو ويو ۽ ڪابل ۾ پاڪستاني هيڊ آف مشن تي حمل?? جي واقعي تي سخت احتجاج ڪيو ويو. پاڪستان واقع?? جي فوري جاچ جو مطالبو ڪيو آهي. پر??يهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ ??يو ته ڪابل ۾ جمعي ڏينهن پاڪستان جي هيڊ آف مشن تي حملو ڪيو ويو، حملي ۾ هڪ سيڪيورٽي گارڊ زخمي ٿيو آهي. ترجمان چيو ته افغان ناظم الامور کي پر??يهي آفيس ۾ طلب ڪيو ويو ۽ فائرنگ جي واقعي تي سخت احتجاج ڪندي افسوسناڪ واقع?? جي فوري جاچ جو مطالبو ڪيو ويو. پر??يهي آفيس جي ترجمان چيو ته افغان عملدارن سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ جي خاطري ڪرائي اهي، واقعي کانپوءِ ڪابل ۾ سفارتخان?? جي سيڪيورٽي کي بهتر بڻايو ويو آهي. ترجمان چيو ته پاڪستاني سفارتخانو بند ڪرڻ يا عملو واپس گهرائڻ جي خبرن ۾ ڪا صداقت نه آهي. ڪابل ۾ پاڪستان سميت ٻين سفارتي مشنز جي به سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي. ترجمان چيو ته افغان عبوري حڪومت جي پر??يهي وزير اسان جي ناظم الامور سان ڳالهه ڪئي آهي، افغان پر??يهي وزير ذميوارن کي فوري گرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي.
پاڪستان ۾ افغانستان ناظم الامور پرڏيهي آفيس طلب، ڪابل ۾ پاڪستاني هيڊ آف مشن تي حملي جي واقعي تي سخت احتجاج
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا