ثمرقند – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته موسمياتي تبديلين، وبائي مرضن ۽ وڌندڙ عدم برابري جهڙن چئلينجن کي گڏيل قومن جي چارٽر موجب سمورين قومن جي تعاون سان ئي منهن ڏئي سگهجي ٿ??. و??يراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??زي??اعظم شهباز شريف ثمرقند ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي 22 هين مملڪتي سربراهن جي اجلاس جي موقعي تي چيني صدر شي جن پن?? سان ملاقات ڪئي. اپريل 2022ع ۾ وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ چين جي صدر سان ??زي??اعظم شهباز شريف جي هي پهرين ملاقات آهي. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ گڏيل اعتماد ۽ افهام تفهيم جي ماحول ۾ خوشگوار ڳالهه ٻولهه ٿي. پنهنجي آجياڻي جملن ۾ چيني صدر ??زي??اعظم محمد شهباز شريف کي ”عمليت پسندي ۽ ڪارڪردگي رکندڙ شخصيت“ قرار ڏنو. هن چيو ته ??زي??اعظم ”چين پاڪستان دوستي جي لاءِ پراڻو عزم“ رکندڙ اڳواڻ آهي. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ۽ گڏيل دلچسپي جي اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ??زي??اعظم صدر شي جن پنگ ۽ چيني ڪميونسٽ پارٽي جي ايندڙ 20 هين سي پي سي قومي ڪانگريس جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪي??. و??يراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته شنگهائي تعاون تنظيم پنهنجي گڏيل ويزن ۽ گڏيل قدرن کي علائقائي تعاون ۽ يڪجهتي جي ٺوس عملي منصوبن ۾ اڳتي وڌائڻ جي لاءِ هڪ بهترين فورم فراهم ڪيو. چين پاڪستان پائيدار ٻطرفن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي ??زي??اعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسان جي هر موقعي تي آزمايل تذويراتي حصيداري آل ويدر اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرسپ ۽ مضبوط ڀائيچاري وقت جي ڪسوٽي جو مقابلو ڪيو. هن پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ بلندين تائين وٺي وڃڻ جي پنهنجي ذاتي عزم کي ورجاي??. و??يراعظم پاڪستان ۾ ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي فراخدلاڻي ۽ وقت سر مدد تي صدر شي جن پنگ، چيني حڪومت ۽ عوام جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته پاڪستان چين جي سمورن ڌرين پاران همدردي ۽ حمايت جي اظهار تي ٿورائتو آهي. ۽ اها اسان جي منفرد دوستي جي حقيقي عڪاسي آهي. هن صدر شي جن پن?? سان 5 سيپٽمبر 2022ع تي سيوچوان صوبي ۾ ايندڙ زلزلي سان ٿيندڙ المناڪ جاني نقصان ۽ تباهي تي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ان قدرتي آفت دوران چين سان گڏ بيٺل آهي. ??زي??اعظم صدر شي جن پنگ کي پاڪستان جي پائيدار ترقي، صنعتي ترقي، زرعي جدت ۽ علائقائي رابطن جي لاءِ پنهنجي حڪومت جي پاليسين کان آگاهه ڪي??. و??يراعظم پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي تي سي پيڪ جي مثبت اثرن کي ساراهيو. هن سي پيڪ جي ترقي لاءِ پنهنجي حڪومت جي عزم کي ورجايو. ٻنهي اڳواڻن ايم ايل ون ريلوي پراجيڪٽ جي فريم ورڪ معاهدي جي پروٽوڪول تي صحيحن جي آجيان ڪئي. ??زي??اعظم تائيوان، تبت، سنڪيانگ ۽ هانگ ڪانگ سميت بنيادي مفاد جي سمورن مسئلن تي پاڪستان جي چين سان مستقل ۽ اڻٿڪ حمايت کي ورجايو. هن پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي، ايف اي ٽي ايف، قومي ترقي، ڪوويڊ 19 وبائي مرضن ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون تي چيني حڪومت جا ٿورا پڻ مڃيا. ??زي??اعظم عالمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي چيو ته موسمياتي تبديلي، وبائي مرضن ۽ وڌندڙ عدم برابري جهڙن چئلينجن کي گڏيل قومن جي چارٽر موجب سمورين قومن جي تعاون سان ئي منهن ڏئي سگهجي ٿو. هن صدر شي جي ويزنري پليٽ اينڊ روڊ انيشيٽو ۽ گلوبل ڊيولپمينٽ انيشيٽو کي ساراهيو، جنهن پائيدار ۽ گڏيل ترقي جي منفرد پاليسي کي دنيا ۾ متعارف ڪراي??. و??يراعظم ڀارت جي قبضي هيٺ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين صورتحال تي روشني وڌي ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي چين جي اصولي موقف تي ٿورا مڃيا. ٻنهي اڳواڻن تازن دورن ۾ گڏيل مستقبل جي لاءِ پاڪ چين ڪميونٽي جي نئين عزم کي ورجاي??. و??يراعظم صدر شي جن پنگ کي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت ڏيندي چيو ته پاڪستاني عوام سندس شاندار استقبال جي منتظر آهي. دعوت کي قبول ڪندي صدر شي چيو ته هو جلد کان جلد ??زي??اعظم شهباز شريف جي چين جي دوري جو منتظر آهي.
موسمياتي تبديلين، وبائي مرضن ۽ وڌندڙ عدم برابري جهڙن چئلينجن کي گڏيل قومن جي چارٽر موجب سمورين قومن جي تعاون سان ئي منهن ڏئي سگهجي ٿو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : کلیوپیٹرا