اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سيال??وٽ سان تعلق رکندڙ واپارين ۽ صنعتڪارن جي هڪ وفد اسلام آب??د ۾ ملاقات ڪئي ۽ ٻو?? متاثرين جي لاءِ پرائم منسٽر ريليف فنڊ لاءِ چيڪ پيش ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف پڻ موجود هو. وفد ۾ سيال??وٽ انٽرنيشنل ايئرپورٽ جو چيئرمين خواجه مسعود اختر، سيال??وٽ چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جو صدر ميان عمران اڪبر، الغازي ٽريڪٽرز جو سي اي او ملڪ احتشام اڪرام ۽ ٻيا صنعتڪار ۽ واپاري شامل هئا. وفد ٻو?? متاثرين جي لاءِ وڏي رقم جو عطيو وزيراعظم کي پيش ڪيو. وفد پ??ران راشن ۽ ٻين ضرورت جي شين جي صورت ۾ امدادي سامان پڻ ٻو?? سٽ??لن جي لاءِ عطيو ڪيو ويو. وفد وزيراعظم کي ٻڌايو ته سيال??وٽ جي واپاري برادري متاثر علائقن جي ماڻهن کي نوڪريون ڏيڻ جي حڪمت عملي پڻ ٺاهي آهي ۽ ٻو?? کان متاثر علائقن ۾ گهرن جي تعمير جي لاءِ پڻ سيال??وٽ جي واپاري برادري پنهنجو ڪردار ادا ڪندي. وزيراعظم وفد پ??ران عطيي کي ساراهيندي چيو ته هن آفت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هر طبقي جي ماڻهن کي اڳتي اچڻو پوندو ۽ ان ڏس ۾ خاص طور تي واپارين ۽ صنعتڪارن جو تمام اهم ڪردار آهي. هن چيو ته ٻو?? جي ڪري تمام گهڻو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي، قيمتي انساني جانين کانسواءِ ٻو?? پاڻ سان گڏ فصلن، چوپائي مال ۽ مواصلاتي انفراسٽرڪچر کي پڻ وهائي ويو. هن چيو ته وفاقي حڪومت پاران ٻو?? سٽ??لن کي في خاندان 25 هزار رپيا انتهائي شفاف طريقيڪار جي ذريعي ڏنا پيا وڃن ۽ ان مد ۾ وفاقي حڪومت 70 ارب رپين جي رقم رکي آهي.
وزيراعظم سان سيالڪوٽ سان تعلق رکندڙ واپارين ۽ صنعتڪارن جي وفد جي ملاقات، پرائم منسٽر ريليف فنڊ لاءِ چيڪ پيش
مضمون کا ماخذ : apostas lotofácil