نيويارڪ – 19 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي ??چ ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي گڏيل قومن جي چارٽر، سلامتي ڪائونسل جي ??راردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب حل سان ئي ممڪن آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر ۽ مالديپ جي ??رڏيهي وزير عبدالله شاهد سان مالقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو. پرڏيهي وزير دنيا کي درپيش پراڻي ۽ نئين چئلينجن جي حل جي ??اءِ جنرل اسيمبلي جي صدر جي ڪوششن ??ي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان جيڪو جي 77 جي صدارت ڪري رهيو آهي، جي صدارت ڪري رهيو آهي، جنرل اسيمبلي ۾ ترقي جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ جي ??اءِ محنت ڪم ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ جي 77 عالمي غذائي بحران، ڪوويڊ ويڪسين جي برابر ورڇ، ان وبا مان نڪرڻ جي ??اءِ مالي وسيلن جي ??راهمي، ماحوليات جي حوالي سان مالي معاونت جي ??راهمي ۽ اسرندر ملڪن ۾ پائيدار انفراسٽرڪچر جي ??اءِ سيڙپڪاري وڌائڻ جي اميد رکن ٿا. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ سڌارن جي عمل جي اهميت تي زور ڏيندي پرڏيهي وزير ان معاملي تي ڪو به فيصلو گڏيل قومن جي ??يمبر ملڪن جي اتفاق راءِ سان ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي پاران 15 مارچ کي اسلامو فوبيا جي خلاف عالمي ڏينهن ملهائڻ جي ??دم ??ي ساراهيو ۽ ان عزم کي ورجايو ته پاڪستان اسلامو فوبيا جي ??سئلي کي منهن ڏيڻ جي ??اءِ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي سان گڏجي ??تفقه پلان جي تياري ۾ تعاون ڪندو. پرڏيهي وزير 5 آگسٽ 2019ع کان والايرل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت پاران ڪيل غيرقانوني ۽ هڪ طرفو قدم واپس وٺڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. پرڏيهي وزير جنرل اسيمبلي جي صدر کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ غيرقانوني حدبندين بابت ??ڻ آگاهه ڪيو جن جو مقصد والاريل علائقي جي آبادي جي تناسب کي تبديل ڪرڻ آهي.
پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي گڏيل قومن جي چارٽر، سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب حل سان ئي ممڪن آهي: بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : جڑواں اسپن