اسلام آباد – 19 جون (ا?? پي پي) پرڏيهي و??ير مخدوم شاهه محمود قريشي انطاليا سفارتي فورم جي موقعي تي ڪويت جي پنهنجي هم منصب شيخ ڊاڪٽر احمد ناصر المحمد سان ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ڪويت وچ ۾ ديرپا اسٽريٽجڪ شراڪتداري لاءِ جامع پلان جوڙڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي آفيس مطابق ملاقات دوران ٻه طرفي لاڳاپن، مختلف شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻ??لهه ڪئي وئي. پرڏيهي و??ير چيو ته پاڪستان ڪويت سان پنهنجي لاڳ??پن کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو.
مضمون کا ماخذ : گنہادورس دا میگا سینا