اسلام آباد – 02 اپريل (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب پنجاب کانپوءِ خيبرپختونخوا ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 83 فوتگيون ٿيون جنهن مان 26 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موج??د مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 5 هزار 234 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. مل?? جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 70 سيڪڙو، لاهور ۾ 67 سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 60 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 50 سيڪڙو مريض آ??ن. اهڙي طرح مل?? جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت و??رن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاو?? ۾ 87 سيڪڙو، سوات ۾ 100 سيڪڙو، گجرات ۾ 73 سيڪڙو ۽ گجرانوالا ۾ 85 سيڪڙو مريض آ??ن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 50 هزار 170 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 8 هزار 913 پنجاب ۾ 23 هزار 39، خيبرپختونخواهه ۾ 8 هزار 574، اسلام آباد ۾ 7 هزار 872، بلوچستان ۾ 590، گلگت بلتستان ۾ 272، آزاد ڪشمير ۾ 910 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 6 لک 7 هزار 205 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 421 مريض آ??ن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 56 هزار 347 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 6 لک 78 هزار 165 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 12 هزار 984، بلوچستان ۾ 19 هزار 610، گلگت بلتستان ۾ 5 هزار 45، اسلام آباد ۾ 59 هزار 401، خيبرپختونخواهه ۾ 89 هزار 255، پنجاب ۾ 2 لک 25 هزار 953 ۽ سنڌ ۾ 2 لک 65 هزار 917 مريض آ??ن.
ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا سبب وڌيڪ 83 ڄڻا فوت
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نمبر