اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم ع??ران خان مالديپ جي صدر ابراهيم محمد صالح سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ڪوويڊ 19 جي صورتحال جي ڪري درپيش مسئلن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ع??ران خان مالديو پاران ڪوورنا وائرس جي وبا جي ڦهلاءُ کي روڪڻ ۽ معيشت سميت سياحت جي شعبي جي بحالي جي لاءِ ??يل ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم ع??ران خان مالديپ جي صدر کي پاڪستان ۾ تازي صورتحال بابت بريف ڪيو ۽ ڪوويڊ 19 تي ضابطو آڻڻ جي حوالي سان پاڪستان حڪومت جي ڪوششن کان ??گا??ه ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ حڪومت انساني جانين جي تحفظ، ڪاروبار ۽ آمدني جي ذريعن کي محفوظ بڻائڻ ۽ معيشت جي بحالي تي خاص ڌيان ڏنو آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته سمارٽ لاڪ ڊائون جي حڪمت عملي ڪامياب رهي آهي ۽ معيشت جا وڏا شعبا ترتيبوار کوليا پيا وڃن. وزيراعظم ع??ران خان گلوبل انيشيٽيو آن ڊيٽ رليف جي حوالي سان مالديپ جي صدر کي ??گا??ه ڪيو جيڪو اسرندڙ مل??ن ۾ ڪورونا وبا جي سخت سماجي ۽ معاشي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ شروع ڪيو ويو آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسرندڙ مل??ن جي مالياتي وسيلن ۽ صحت جي شعبي ۾ بنيادي ڍانچي جي سهولت ۾ گهٽتائي جي ڪري ڪورونا وبا کان خاص طور تي وڌيڪ متاثر ٿيا آهن ان لاءِ اسرندڙ مل??ن ۾ خاص قدمن جي ضرورت آهي.
وزيراعظم عمران خان جي مالديپ جي صدر ابراهيم محمد صالح سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : como apostar na loteria