اسلام آباد – 23 اپريل (اي پي پي) ناڻي، اوڳاڙين ۽ اقتصادي معاملن واري وزيراعظم جي صل??حڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ فيڊرل بورڊ آف روينيو کي اثاثن کي منظرعام تي آڻ?? جي لاءِ نئين تجويز ڪيل اسڪيم کي وڌ??ڪ پرڪشش ۽ ٺوس بڻائ?? جي هدايت ڪئي آهي ته جيئن رسمي معيشت کان ٻاهر رهجي ويل وڌ کان وڌ ماڻهن کي مل??ي معيشت جو حصو بڻائي سگهجي. هن اها هدايت اثاثن کي منظرعام تي آڻ?? جي اسڪيم (ايسٽس ڊڪليئريشن اسڪيم) جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني. اجلاس ۾ وزيراعظم جي ٽيڪسٽائيل واري صل??حڪار عبدالرزاق دائود، اداراجاتي سڌارن ۽ ڪفايت شعاري جي لاءِ وزيراعظم جي صل??حڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، اوڳاڙين واري مملڪ??ي وزير حماد اظهر، ايف بي آر چيئرمين ۽ بزنس، اڪائونٽنگ ۽ بئنڪنگ جي شعبي جي ماهرن شرڪت ڪئي.
مضمون کا ماخذ : jogos de raspadinha