اسلام آباد – 28 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف حڪومت کي مخالف ڌر پاران ڀر??ور تعاون جي آڇ ڪندي چيو آهي ته سڄي دنيا کي مثالي اتحاد ۽ ٻڌي سان متحد پارليامينٽ ۽ متحد پاڪستان جو آواز ويندو، اسان جي هٿياربند فوج دشمن کي سبق سيکارڻ جي ڀر??ور صلاحيت رکي ٿي. پارليامينٽ جي گ??يل اجلاس کي خطاب ڪندي مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ اهو وڏو اهم موڙ آهي ۽ ان جي اسان کي اجتماعي بصيرت، جرئت ۽ همت کان ڪم وٺڻو پوندو، هڪ طرف ڪشمير جي وادي ڪشميرين جي رت سان ڳاڙهي ٿي چڪي آهي، ٻئي طرف هڪ اسان جو دشمن جنهن سان اسان جو واسطو آهي ان وري 1971ع کانپوءِ پاڪستان جي ??رح??ن جي خلاف ورزي ڪئي جيڪو هڪ سنگين عالمي ڏوهه آهي ۽ چار ڪلوميٽر اندر آيا پوءِ بم ڪ??رائي تڪڙ ۾ واپس هليا ويا.
مضمون کا ماخذ : apostas quina