اسلام آباد – 15 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته وفاق جي انتظام هيٺ قبائلي ??لائقن (فاٽا) ۾ تعميري تبديلي ??ڪومت جي ترجيح آهي ۽ اسان فاٽا کي ٻين صوبن جي برابر آڻڻ جا خواهشمند آهيون، سمورن سماجي شعبن ۾ فاٽا جي رهواسين سان هڪجهڙي سلوڪ کي يقيني بڻايو ويندو. هن اها ڳالهه فاٽا سان تعلق رکندڙ سينيٽ جي ميمبرن سان ڳالهائيندي چئي. وزيراعظم آفيس ۾ ساڻس ملاقات ڪندڙن ۾ سينيٽر هدايت الله، حاجي مومن خان آفريدي، اورنگزيب خان، هلال الرحمان، س??اد حسين طوري، محمد صالح شاهه، تاج محمد آفريدي ۽ ملڪ نجم الحسن شامل هئا. فاٽا جي سينيٽرن وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کي وزارت عظميٰ ج?? عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني.
مضمون کا ماخذ : apostas lotofácil