اسلام آباد – 16 جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران ??ان بار بار عدالت جي ٻاهران پنهنجو ڪيس وڙهي رهيو آهي، عدالت ٻاهران ڪيس وڙهندڙن کي مايوسي کانسواءِ ڪ??هه نه ملندو. سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير چيو ته وزيراعظم نواز شريف پارليامينٽ ۾ يا عوام کي خطاب دوران ڪڏهن ڪا متضاد ڳالهه ناهي ڪئي ۽ نه ئي ڪوڙ ڳالهايو ڇو ته هو ڳالهائڻ جو عادي نه آهي، اها عادت ڪنهن ٻئي جي آهي ۽ بار بار اهو سچ سامهون اچي وڃي ٿو ته اها قابليت ڪنهن ۾ آهي. مملڪتي وزير چيو ته عمران ??ان گذري?? ڪيترن ئي ڏينهن کان عدالت ٻاهران اچي پنهنجو ڪيس وڙهي رهيو آهي، هو اڄ اهو چئي رهيو آهي ته عدالت ۾ پاناما پيپرز بابت ڳالهه نه ٿي رهي هئي، نواز شريف بابت ڳالهه نه ٿي رهي هئي.
مضمون کا ماخذ : کلیوپیٹرا