ماسڪو-02 نومبر (اي پي پي) روس جي صدر ولادي ميرپيوٽن ج??مع ايٽمي تجربن تي پابندي جي معاهدي سي ٽي بي ٽي جي توثيق کي رد ڪري ڇڏيو. اي ايف پي مطابق روسي صدر گذريل ڏينهن هڪ قانون تي صحيح ڪئي جنهن ۾ روس طرفان ج??مع ايٽمي تجربن تي پابندي جي معاهدي ڪمپري هنسيو نيوڪليئر ٽيسٽ بين ٽريٽي (سي ٽي بي ٽي) جي توثيق کي رد ڪري ڇڏيو آهي. 1996ع جو ??هو معاهدو ايٽمي هٿيارن جي لائيو تجربن سميت سمورن ايٽمي ڌماڪن کي غير قانون?? قرار ڏي ٿو. حالانڪ اهو معاهدو آمريڪا ۽ـ چين طرفان ڪڏهن به توثيق حاصل نه ڪرڻ سبب ڪڏهن به لاڳو نه ٿيو. ان معاهدي کي رد ڪرڻ جو ??ل گذريل مهيني روس جي پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو ويو هو جنهن کي هڪ تيز رفتار عمل سان منظور ڪيو ويو. پارلياماني ٻُڌڻي?? دوران رياست ڊوما جي اسپيڪر ويا چسلا وولوڊن چيو ته معاهدي کي رد ڪرڻ جي قدمن جو ??يٽمي هٿيارن جي باري ۾ رياست هاءِ متحده جي مذاق بدتميز روين جو ??واب آهي. جيتوڻيڪ هي ڪڏهن به لاڳو نه ٿيو پر ايٽمي طاقتن فرانس ۽ برطانيه سميت 178 ملڪن ان معاهدي جي توثيق ڪئي ۽ ان جي علامتي اهميت آهي. سندن حامين جو چوڻ هو ته هن ايٽمي هٿيارن جي سڌيءَ ريت تجربن خلاف هڪ بين الاقوامي معيار قائم ڪيو، پر ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته وڏي ايٽمي طاقتن جي توثيق کانسواءِ معاهدي جي صلاحيت غير حقيقي آهي. پيوٽن جي پهرين مُدت جي صدر بڻجڻ جي 6 مهينن کانپوءِ روس جي پارليامينٽ جون 2000ع ۾ ان معاهدي جي توثيق ڪئي هئي.
روس جامع ايٽمي تجربن تي پابندي جي معاهدي جي توثيق رد ڪري ڇڏي
مضمون کا ماخذ : قدیم مصری کلاسک